اسلام آباد – 30 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو ستون دور اسلام آباد ۾ ٿيو. سريلنڪن وفد جي قيادت پر??يهي سيڪريٽري اروني وجيورد جڏهن ته پاڪستان پاران پر??يهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي ڪئي. پر??يهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب مشاورتي اجلاس خوشگوار ۽ تعميري ??اح??ل ۾ ٿيو. ڌرين ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو جڏهن ته ڳا??هه ٻو??هه ۾ خاص طور تي واپار، اقتصادي تعاون، دفاع ۽ سلامتي، تعليم، پارلياماني مٽاسٽا، ثقافت، ميڊيا، راندين، گهڻ رخي فورمز تي تعاون ۽ قونصلر معاملن تي ڌيان ڏنو ويو. ڌرين ٻطرفي لاڳاپن جي مثبت انداز تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل فائديمند تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. مشاورتي اجلاس ۾ ڏکڻ ايشيا ۽ ان جي پاڙيسري خطن ۾ سياسي ۽ سيڪيورٽي ڊائنامڪس تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بيان موجب ٻطرفي ڳا??هه ٻو??هه ۽ مٽاسٽا کي وڌائڻ ۽ ڊائيلاگ مڪينزم کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ڌرين زراعت، صحت، رابطي ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون جا نوان موقعا ڳولڻ جو فيصلو ڪيو. هن ان ڳا??هه کي پڻ ساراهيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ ڪيترن ئي عالمي مسئلن تي اتفاق راءِ آهي.