اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي چيو آهي ته علائقائي امن، سلامتي ۽ سهڪار لاءِ ??سيان ۽ ميمبر ملڪن سان پاڪستان پنهنجا لاڳاپا وڌائڻ جو پختو عزم رکي ٿو، آسيان جو علائقائي يڪجهتي ۽ خوشحالي لاءِ ڪردار ساراهه جوڳو آهي. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان مطابق پرڏيهي سيڪريٽري 27 جولاءِ کان لائو پي ڊي آر ۾ منعقد ٿيل 31 هين آسيان ريجنل فو??م وزارتي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي ??يادت ڪئي. اجلاس ۾ پاڪستان جي ??مائندگي ڪندي هن چيو ته ايشيا پيسفڪ خطي ۾ علائقائي تڪرارن تي پاڪستان جي ??قطه نظر بابت شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪندي گروپن جي سياست بدران ڳالهين جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڪشمير جي عوام جي خراب حالت کي اجاگر ڪندي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??اڳاپيل ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن مطابق ان تڪرار جي حل جي ضرورت تي زور ڏنو. پرڏيهي سيڪريٽري غزه ۽ افغانستان جي صورتحال سميت علائقائي معاملن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪيو. آسيان ريجنل فو??م جي ??وقعي تي پرڏيهي سيڪريٽري آسيان جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل داتو استنه عبدالعزيز، چين جي ??ائب پرڏيهي وزير سن وي ڊونگ ۽ ملائيشيا جي ??رڏيهي وزارت جي سيڪريٽري جنرل داتو سري عمران محمد زين سان پڻ ملاقات ڪئي.