اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسماعيل هنيه جي قتل جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته عالمي ادارن جو فلسطين ۽ غزه جي صورتحال تي ضمير جاڳڻ گهرجي، آءِ پي پيز جي ڪيپسٽي پيمنٽ سميت ب??لي جي شعبي جي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪري ??هيا آهيون، عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي شروعات ۾ خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسماعيل هنيه کي بي رحمي سان ايران ۾ شهيد ڪيو ويو. پاڪستان، ترڪيه، ملائيشيا سميت ٻين ملڪن ان جي مذمت ڪئي آهي. اتحادي پارٽين به ان جي مذمت ڪئي آهي. عالمي ادارن جو اڄ ضمير جاڳڻ گهرجي. غزه ۽ فلسطين ۾ بدترين تباهي ٿي رهي آهي. هڪ حاملا عورت کي بي رحمي سان شهيد ڪيو ويو. جمعي نماز کانپوءِ اسماعيل هنيه جي غائبانه جناز نماز ادا ڪئي ويندي، آئون ۽ سمورا وزير به غائبانه جنازي نماز ۾ شرڪت ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته ب??لي بحران جي حل لاءِ ڏينهن رات ڪوششون جاري ??هن. اسان جي سياست عوامي خدمت آهي. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي دور ۾ 20، 20 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ کي ختم ڪيو. مون سي پيڪ تحت 2015ع ۾ پاڪستان سيڙپڪاري ??و اشارو ڏنو. سي پيڪ تحت ب??لي جا منصوبا لڳايا ويا. 4 ايل اين جي پاور پلانٽ لڳايا ويا. 5 هزار ميگاواٽ ب??لي پيدا ڪئي وئي. ان دور ۾ سڀ کان سستا پلانٽ لڳايا ويا. اسان ملڪ کي د??پيش ان چئلينج کي حل ڪرڻ جي لاءِ مخلصاڻيون ڪوششون ڪري ??هيا آهيون. اسان گذريل ڪجهه مهينن ۾ ان حوالي سان ڪيترائي قدم کنيا آهن. سستي ب??لي اسان جي ۽ اسان جي اتحادي حڪومت جي ايجنڊا آهي. ان تي سياست عوامي توهين جي برابر آهي. اهو پوري قوم ۽ غريبن جو مطالبو آهي ته ب??لي جو مسئلو حل ڪيو وڃي. اهو ڏکيو ??عا??لو آهي. هن چيو ته توانائي جي شعبي ۽ ايف بي آر کي فعال بڻائڻ ۽ ڪرپشن کان پاڪ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين ته ٻيڙي منجهدار مان نڪري ??يندي. عوام جي مشڪلاتن جو پورو ادراڪ آهي. هڪ مخصوص پارٽي جي خيبرپختونخواهه ۾ 10 سالن کان حڪومت آهي، ان اتي ڪيترا منصوبا هنيا؟ ڊيم ٺاهيا؟ ۽ پن ب??لي منصوبن تي ڪيتري ??يڙپڪاري ڪئي؟ ڳالهيون ڪرڻ آسان ۽ عمل ڪرڻ مشڪل آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ ٽيوب ويلن جي لاءِ ب??لي جي مد ۾ اربين رپيا ضايع ٿيندا هئا. هاڻي بلوچستان جي لاءِ شمسي توانائي جو 70 ارب رپين جو منصوبو شروع ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ 55 ارب رپيا وفاق ۽ باقي صوبو ڏيندو. بلوچستان جي عوام جي لاءِ ڌرڻو ڏيندڙن به آواز اٿاريو آهي. اها سياست براءِ سياست آهي. هن چيو ته ب??لي چوري ??ي روڪٿام جي لاءِ نمايان قدم کنيا آهن. نگران حڪومت به ان حوالي سان موثر قدم کنيا هئا. ان ??عا??لي تي سپهه سالار جو عزم واضح آهي. اسان کي گڏيل ڪوششون ڪرڻ گهرجن. سمورن ادارن کي پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي. پنجاب ۽ سنڌ ب??لي چوري ??ي روڪٿام ۾ ڀرپور ساٿ ڏئي رهيا آهن. ملڪ کي د??پيش مسئلن جو واحد حل هول آف دي گورنمينٽ اپروچ آهي. ٽيڪس نيٽ ۾ اضافو لازمي آهي پر ٽيڪس ادا ڪندڙن تي وڌيڪ ٽيڪس لڳائڻ مناسب نه آهي. پگهاردار طبقي تي ٽيڪس ۾ اضافو ڪيو ويو آهي ان جو احساس آهي. وزيراعظم چيو ته 200 يونٽ ب??لي استعمال ڪندڙن کي رعايت ڏني وئي. 500 يونٽ تائين ب??لي استعمال ڪندڙن کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم غور هيٺ آهن. ب??لي بلز جي ادائيگي ۾ سهولت لاءِ 50 ارب رپيا فراهم ڪيا ويا. ب??لي جي بلن ۾ ادائيگي جي لاءِ تاريخن ۾ 10 ڏينهن جو ريليف ڏنو ويو آهي. بجيٽ ۾ صنعتن جي لاءِ ب??لي جي قيمت ۾ ساڍا 8 رپيا في يونٽ گهٽتائي ڪئي وئي. ”ابسلوٽلي ناٽ“ چوندڙن جي قدمن سان سفارتي لاڳاپن کي نقصان پهتو. ب??لي جي قيمتن ۾ گهٽتائي سان روانگي واپار تي خرچن ۾ گهٽتائي ايندي. حڪومتي آءِ پي پيز تي تيزي سان ڪم ڪري ??هيا آهيون، جلد ان جو ??عا??لو حل ٿيندو. ڪجهه نجي آءِ پي پيز پنهنجا قرض ادا ڪري چڪا آهن ۽ ڪجهه کي اهي قرض ادا ڪرڻا آهن. ان ??عا??لي تي چين کي ري پروفائيلنگ جي لاءِ خط لکيو آهي. چين جي صدر کي ملاقات دوران درآمدي ٻارڻ تي ب??لي جي پيداوار جي منتقلي جي حوالي سان آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته عوام جي مسئلن کان پوري ??رح آگاهه آهيون ۽ ان جي حل لاءِ ڪوششون ڪري ??هيا آهيون. اسان کي گهٽ مدي ۽ ڊگهي مدي واري منصوبن تي ڪم ڪرڻو پوندو.