لاهور – 05 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مي??ٽ ۽ شفافيت کانسواءِ ڪنهن به شعبي ۾ ترقي ممڪن نه آهي، ڪرڪيٽ اسٽيڊيم کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، حڪومت راندين جي فروغ جي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي پئي، ڪرڪيٽ يا هاڪيءَ جي راند جي روشن يادن کي ٻيهر تازو ڪرڻ گهرجي، شائقين کي راند جي بهتري جي حوالي ??ان تمام گهڻيون اميدون ??اڳ??ل آهن، جلد راندين جي مي??ان ۾ وڃ??يل مقام حاصل ڪنداسين. هن اهڙن خيالن جو اظهار قذافي اسٽيڊيم لاهور جي تعمير جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير ۽ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پنجاب قومي اسيمبلي جو اسپيڪر ملڪ احمد خان، سينيئر صوبائي وزير مريم اورنگزيب ۽ ٻيا به موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته حڪومت راندين جي فروغ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، ا??ان جي نوجوانن ۾ تمام گهڻو ٽيلينٽ موجود آهي، خواهش آهي ته ا??ان راندين ۾ وڃ??يل مقام ٻيهر حاصل ڪنداسين. هن چيو ته مي??ٽ کانسواءِ ڪنهن به شعبي ۾ ترقي ممڪن نه آهي، سڀني شعبن ۾ شفافيت جي ڪلچر کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، جلد ملڪ بحران مان نڪري ويندو. محمد شهباز شريف ماضي جو حوالو ڏيندي چيو ته 50ع کان 80ع جي ڏهاڪي تائين راندين جي مي??ان ۾ ا??ان جي ٽيمن جو راڄ هو پر بدقسمتي ??ان سفارشي ڪلچر، راندين سميت ٻين شعبن جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ڪرڪيٽ اسٽيڊيم کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي. مون کي خوشي آهي ته چيئرمين پي سي بي محسن نقوي قذافي اسٽيڊيم جي نئين سر تعمير ۽ انفراسٽرڪچر کي جديد رخن تعمير ڪرڻ جو قدم کنيو آهي. ويجهي ماضي وانگر اهو منصوبو به جلد مڪمل ڪنداسين. وزيراعظم شهباز شريف محسن نقوي کي مخاطب ڪندي چيو ته جهڙي طرح توهان قذافي اسٽيڊيم جي نئين سر تعمير ڪرڻ وڃي رهيا آهيو اهڙي طرح قومي ٽيم جي به نئين سر جوڙجڪ ڪئي وڃي. ڪرڪيٽ تي تمام گهڻو ڌيان ڏنو وڃي. رڳو مي??ٽ تي رانديگرن جي چونڊ کي نظر ۾ رکيو وڃي. ڪرڪيٽ ٽيم جي نئين سر جوڙجڪ هڪ تمام وڏي ڪاميابي هوندي. هن چيو ته ٽيم ۾ رانديگرن جي چونڊ ۾ ڪنهن به سفارش کي نه مڃيو وڃي ڀلي وزيراعظم به توهان کي سفارش ڪري. توهان کي رڳو مي??ٽ کي ترجيح ڏيڻي آهي. ڇو ته سفارشي ڪلچر جي خاتمي ??ان ئي ڪرڪيٽ، هاڪي سميت ٻين راندين ۾ ملڪ جو ٻيهر نالو روشن ڪري سگهجي ٿو. وزيراعظم چيو ته جڏهن ٽيم مي??ان ۾ لهندي آهي ته ان جي پويان مائرن، ڀينرن، ڀائرن، جڏهن ته سڄي قوم جون دعائون هونديون آهن، شائقين جون راند ۾ بهتري جي حوالي ??ان ڪيتريون ئي اميدون ??اڳ??ل هونديون آهن. مون کي اميد آهي ته ا??ان جلد راندين جي مي??ان ۾ پنهنجو وڃ??يل مقام حاصل ڪري وٺنداسين.