اسلام آباد-19 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي اسلام آباد ۾ 100 بسترن تي ٻڌل جديد اسپ??ال جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو آهي، جنهن کي ??يش??ل پ??لي?? فائونڊيشن ۽ ترڪيه جي نجي ڪمپني جي سهڪار سان تعمير ڪئي ويندي، هن اسپ??ال جي تڪميل سان پ??لي?? جي جوانن، انهن جي ڪٽنبن ۽ عام شهرين کي صحت جون جديد سهولتون ملنديون. پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته انٽر??يش??ل اسپ??ال جو هي منصوبو ??يش??ل پ??لي?? فائونڊيشن لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو. هن ??يش??ل پ??لي?? فائونڊيشن جي نون منصوبن جي واکاڻ ڪندي چيو ته صابر احمد جي آمد ??يش??ل پ??لي?? فائونڊيشن کي ٻيهر متحرڪ بڻائي ڇڏيو آهي، ان جي سموري آمدني شهيدن ۽ پ??لي?? جي ويلفيئر تي لڳائي پئي وڃي. گهرو وزير چيو ته شهيد ۽ پ??لي?? جوانن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ محنت ۽ لگن سان ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ هي اسپ??ال ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، ??يش??ل پ??لي?? فائونڊيشن ۽ سي ڊي اي جي گڏيل سهڪار سان نئين منصوبي تي ڪم ٿي رهيو آهي ۽ هي منصوبو صرف اسلام آباد تائين محدود نه هوندو پر صوبن ۾ به شهيدن ۽ پ??لي?? جي جوانن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪيو پيو وڃي. هن ٻڌايو ته ??يش??ل پ??لي?? فائونڊيشن ويجهڙ ۾ حيدرآباد ۾ شهيدن ۽ جوانن لاءِ هڪ منصوبو مڪمل ڪيو آهي. ان اسپ??ال جي تعمير لاءِ ??يش??ل پ??لي?? فائونڊيشن زمين فراهم ڪئي آهي جڏهن ته اسپ??ال جي تعمير مڪمل طور ترڪيه جي هڪ ڪمپني ڪري رهي آهي جنهن جي لاڳت 5 ارب روپيا آهي. گهرو وزير ان موقعي تي ان ڳالهه جو به اعلان ڪيو ته ??يش??ل پ??لي?? اڪيڊمي جي نئين سر تنظيم سازي ڪئي پئي وڃي ته جيئن پ??لي?? جي جوانن کي وڌيڪ بهتر تربيت فراهم ڪري سگهجي.