اسلام آباد- 22 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي واري و??اق?? وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ ڪڇي ڪينال منصوبي بابت اجلاس منعقد ٿي??. بلوچستان ??ي وڏي وزير سرفراز بگٽي، صوبائي وزيرن ۽ عملدارن وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي و??اق?? وزير هدايت ڪئي ته ماهر ٻن مهينن اندر اندر ڪڇي ڪينال مان 400 کان 500 ڪيوسڪ پاڻي کڻي وڃڻ جو حل پيش ڪن. هن چيو ته ڪڇي ڪينال مان ??لوچستان ??ي 7 لک 13 هزار ايڪڙ زمين آبادي ٿي??دي. مستقبل ۾ ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ کان ??ڳ ڪڇي ڪينال کي بحال ڪ??ڻ ۽ 500 ڪيوسڪ پاڻي جو بحال ٿيڻ ضروري آهي، مقامي آبادي کي جلد کان ??لد پاڻي فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. احسن اقبال چيو ته اسان کي پنهنجي ترقياتي بجيٽ ۾ فراهم ڪيل محدود وسيلن اندر رهندي ان ??و حل ڪڍڻو آهي. پنجاب ۾ اربن ڪينال بهترين ڪم ڪري رهيو آهي،اسان کي پنجاب جي اربن ڪينال ماڊل کي اختيار ڪرڻ تي سوچڻ گهرجي. بلوچستان ??ي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو ته ٻوڏ 2022ع سبب بلوچستان ??ربن ڪينال کي شديد نقصان پهتو، ڪڇي ڪينال جي بندش سبب ڪمانڊ ايريا ۾ پوکي بند ٿي چڪي آهي، مون کي پوري اميد آهي ته رٿابندي واري وزير جي نگراني هيٺ جلد کان ??لد ڪينال ۾ پاڻي جي بحالي سميت مستقبل ۾ بهترين لائ??ه عمل جوڙيو ويندو.