اسلام آباد -09 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪشمير، گلگت ??لت??تان ۽ سيفران بابت وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي، ته عوام پي ٽي آءِ جو جلسو رد ڪري ڇڏيو آهي، پي ٽي آءِ سياسي ??ار??ي نه پر انتهاپسند گروپ آهي. گذريل ڏ??نه?? اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي ناڪام جلسي تي رد عمل ??ين??ي وفاقي وزير چيو ته عوام پي ٽي آءِ جو جلسو رد ڪري ڇڏيو، ناڪام عوامي ميڙاڪي سبب پي ٽي آءِ اڳواڻ مايوس نظر اچي رهيا آهن. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي باني جا پٽ برطانيه ۾ ترسيل آهن جڏهن ته ٻين جي ٻارن کي فسادن لاءِ اڪسائي رهيو آهي، ماڻهن کي خبر آهي ته پي ٽي آءِ مرڪز ۾ ساڍا 3 سال ۽ ڪي پي ڪي صوبي ۾ 11 سال ضا??ع ڪيا. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي جلسي ۾ شرڪت ڪندڙن پوليس تي پٿراءُ ڪيو، هن چيو ته پي ٽي آءِ ملڪ جي خوشحالي ۾ خوش ناهي جنهن سبب 9 مئي کي ورجائڻ چاهي ٿي، 9 مئي جي هنگامي پي ٽي آءِ جي ناڪاري ايجنڊا کي بي نقاب ڪيو. 9 مئي تي سول، سرڪاري عمارتن ۽ دفاعي ٺڪاڻن تي ڪيل حملا، سندن وحشياڻي ذهنيت کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته قانون تي عمل ڪرڻ سڀني جي برابر ذميواري هئڻ گهرجي ۽ اهڙن قدمن جي ذميوارن کي سخت نتيجن کي منهن ڏيڻو پوندو. هن چيو ته ڪي پي ڪي جو وڏو وزير وقت ضا??ع ڪرڻ بدران صوبي تي ڌيان ڏئي، ڪي پي ڪي جي حڪومت جي پنهنجن وزيرن ڪرپشن ۽ ناقص گورننس خلاف ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.