اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز ??اد?? ميجر ع??يز ڀٽي شهيد (نشان حيدر) کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته 1965ع جي جنگ ۾ ميجر ع??يز ڀٽي شهيد جرئت ۽ بهادري جي بي مثال تاريخ رقم ڪئي. هن دشمن جو بهادري سان مقابلو ڪندي وطن جي دفاع لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪيو. خميس ڏينهن ??يجر ع??يز ڀٽي شهيد نشان حيدر جي ي??م شهادت جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ميجر ع??يز ڀٽي شهيد دشمن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملايو جنهن تي سموري قوم سندس بي مثال بهادري ۽ شجاعت کي سلام پيش ڪري ٿي. شهيد پنهنجو اڄ قوم جي روشن ۽ محفوظ مستقبل لاءِ قربان ڪيو. اسپيڪر چيو ته شهيد قوم جا هيرو آهن، سندن قربانين کي هميشه ياد رکيو ويندو. ملڪ جي دفاع لاءِ پرعزم آهيون، ان خاطر ڪنهن به قرباني کان پاسو نه ڪنداسين. اسپيڪر الله تعاليٰ کان ميجر ع??يز ڀٽي شهيد جي درجن جي بلندي ۽ ملڪ جي سلامتي ۽ ترقي لاءِ دعا پڻ ڪئي.