اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ ??عل??مي ٽاسڪ فورس جو پهريون اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن بابت وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، سمورن صوبن جي چيف سيڪريٽرين، ??عل??م واري وزارت، يونيسيف، يو اين ??ي پي، ايف سي ڊي او، يونيسڪو، ورلڊ بئنڪ، اي ڊي بي، ملاله فنڊ، آءِ ٽي اي ۽ غلام اسحاق ??ان يونيورسٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي وفاقي وزير احسن اقبال پاڪستان جي ??عل??مي صورتحال تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ايجوڪيشن انڊيڪس جي رپورٽ اسان کي باور ڪرائي ٿي ته اسان کي ??عل??مي شعبي ۾ فوري ۽ هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن ٻُڌايو ت?? هن وقت پاڪستان ۾ اٽڪل اڍائي ڪروڙ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن جڏهن ته ??عل??م جي شرح فقط 60 سيڪڙو آهي، جيڪو اسان لاءِ الميو آهي. هن چيو ته حڪومت جو مقصد صرف ٻارن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ ناهي پر کين ??عل??مي سهولتون به فراهم ڪرڻ آهي، هر ٻار کي بنيادي ڪمپيوٽي ۽ جديد فني ??عل??م سان ليس ڪرڻ ضروري آهي ۽ ان لاءِ جديد گهرجن موجب ليبارٽرين جو قيام به اڻٽر آهي. احسن اقبال استادن جي تربيت کي اهم چئلينج قرار ڏيندي چيو ته استادن کي بهتر تربيت بنا ??عل??مي سڌارا ممڪن ناهن. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته هر ماڻهو اعليٰ ??عل??مي يافته پي ايڇ ڊي جي ميدان تائين نٿو پهچي، ان لاءِ ضروري آهي ته ٻارن کي شروعاتي ??عل??م سان گڏوگڏ جديد ۽ فني مهارتون به سيکاريون وڃن ته جيئن هو عملي زندگيءَ ۾ ڪارآمد ثابت ٿي سگهي. احسن اقبال چيو ته 2010ع ۾ 18هين ترميم کانپوءِ ??عل??م جو شعبو صوبن ڏانهن منتقل ٿيڻ سبب ??عل??مي شرح ۾ گهٽتائي آئي آهي. هن ??عل??م سان گڏوگڏ صحت ۽ انساني وسيلن تي به ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ڇاڪاڻ ته پاڪستان دنيا ۾ هيپاٽائيٽس، ٽي بي، ذيابيطس ۽ پوليو جي ڪيسن ۾ سرفهرست ملڪن ۾ شامل آهي جيڪو اسان لاءِ ڳڻتيءَ جوڳو آهي. وفاقي وزير اجلاس ۾ موجود سمورن اسٽيڪ هولڊز ۽ عالمي شراڪتدارن جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته ??عل??م ۽ صحت جي شعبي ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن خاطري ڪرائي ته وفاقي حڪومت صوبن کي انهن بنيادي مسئلن ۾ اڪيلو نه ڇڏيندي پر صوبائي حڪومتن سان گڏجي ??عل??م ۽ صحت جي شعبن ۾ عملي قدم کڻندي. اجلاس جي پڄاڻيءَ تي احسن اقبال چيو ته ڪنهن به ملڪ جي ترقيءَ جو دارومدار سڌارن، استحڪام ۽ پاليسين جي تسلسل تي هوندو آهي. ڪوبه معاشرو ان وقت تائين ترقي نٿو ڪري سگهي جيستائين هو استحڪام جي اصولن تي عمل نه ڪري. هن پڄاڻي تي چيو ته اڄ کان 24 سالن کانپوءِ جڏهن اسان پنهنجي آزاديءَ جا 100 سال مڪمل ڪري رهيا هونداسين، اسان کي اهو سوچڻو آهي ته اسان ڇا حاصل ڪيو ۽ ايندڙ سالن ۾ اسان ڪٿي بيهڻ چاهيون ٿا.