اسلام آباد-11 آڪٽوبر(اي پي پي) آسٽريليا پاڪستان کي نهري پاڻي جي ورڇ تي تحقيق واري منصوبي لاءِ 3 ملين آسٽريلوي ڊالر فراهم ڪندو، گذريل ڏينهن اقتصادي معام??ن واري وفاقي وزير احد چيمه جي م??ظو??ي کان پوءِ اقتصادي معام??ن واري سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظ?? نياز آسٽريلين سينٽر فار انٽرنشينل ايگريڪلچر ريسرچ جي چيف ايگزيڪيوٽو پروفيسر وينڊي امبر گر سان معاهدن تي صحيحيون ڪيون جن جو مقصد موسمياتي مناسبت جي لحاظ کان پاڻي جي ورڇ ڪرڻ آهي. ان معاهدي موجب آسٽريليا پاڪستان کي ان منصوبي لاءِ 3 ملين آسٽريلوي ڊالر فراهم ڪندو اهو منصوبو پنجن سالن ۾ مڪمل ڪيو ويندو جنهن سان پاڪستان ۾ نهري پاڻي جي ورهاست ۽ طريقن کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. هن زرعي شعبي جي ترقي لاءِ آسٽريلوي سهڪار تي شڪريو ادا ڪيو.