اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) چين ۽ پاڪستان وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار سان ترقي جا نوان امڪان پيدا ٿي رهيا آهن، سي پيڪ تحت بنيادي ڍانچي، توانائي، صنعت، زراعت ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ڪي??را??ي ترقياتي من??وبا شروع ڪيا ويا آهن، جيڪي ٻنهي ملڪن لاءِ فائديمند ثابت ٿي رهيا آهن. اقتصادي ماهرن مطابق گوادر ايئرپورٽ جو من??وبو ٻنهي ملڪن جي مستحڪم لاڳاپن جو هڪ ٻيو اهم اظهار آهي. اهو من??وبو ??ه صرف پاڪستان جي بنيادي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو پر گوادر کي هڪ عالمي واپاري مرڪز بڻائڻ جي راهه هموار ڪندو. ان سان پاڪستان جي اقتصادي ترقي کي هٿي ملندي ۽ خطي ۾ واپاري موقعا وڌندا. چين ۽ پاڪستان وچ ۾ اهو سهڪار ٻنهي ملڪن وچ ۾ گهري اعتماد ۽ دوستي جي عڪاسي آهي، جيڪا وقت سان وڌيڪ مستحڪم ٿي رهي آهي ۽ مختلف شعبن ۾ ترقي جا نوان امڪان پيدا ڪري رهي آهي. جنهن سان ملڪ ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿي رهيا آهن. زراعت جي ميدان ۾ جديد ٽ??ڪنالاجي ۽ تحقيق ذريعي زرعي پيداواريت ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي. جنهن سان پاڪستان جي غذائي پاڻ ڀرو ٿيڻ ۽ روانگي واپار ۾ بهتري ايندي. توانائي جي من??وبي بجلي جي پيداوار ۾ اضافي ۽ توانائي جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ سهڪار سان نئين اخ??را??ات کي هٿي ملي رهي آهي، جنهن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ جديد ٽ??ڪنالاجي جي من??قلي ۽ گڏيل تحقيق جي موقعا پيدا ٿي رهيا آهن. اها سمورا قدم پاڪستان جي معيشت کي وڌيڪ ترقي يافته بڻائڻ ۾ مدد فراهم ڪري رهيا آهن.