اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته شنگهائي تعاون تنظيم جي مي??بر ملڪ جي حيثيت سان پاڪستان تنظيم جي ٻين مي??بر ملڪن ۽ خط?? جي وسيع تر مفاد تحت تنظيم جي ترقياتي ترجيحن جي فروغ جي ل??ءِ سچي دل سان ڪم ڪندو رهندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان شنگهائي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل زانگ منگ وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. زانگ منگ شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن (سي ايڇ جي) جي اجلاس ۾ شرڪت جي ل??ءِ اسلام آباد آيل هو. شنگهائي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل جي جولاءِ 2022ع ۾ پاڪستان جو دورو ڪرڻ جو ذڪر ڪندي وزيراعظم اسلام آباد ۾ سندس آجيان ڪئي ۽ شنگهائي تعاون تنظيم ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمين?? اجلاس جي انعقاد ۾ شنگهائي تعاون تنظيم سيڪريٽريٽ پاران پاڪستان کي فراهم ڪيل تعاون تي سندس ٿورا مڃيا. شنگهائي تعاون تنظيم جي چارٽر تي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي وزيراعظم سيڪريٽري جنرل کي خاطري ڪرائي ته شنگهائي تعاون تنظيم جي مي??بر جي حيثيت سان پاڪستان مي??بر ملڪن ۽ خط?? جي وسيع تر مفاد جي ل??ءِ تنظيم جي ترقياتي ترجيحن جي فروغ جي ل??ءِ دل سان ڪم ڪندو رهندو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ايس سي او مي??بر ملڪن سان گڏ تنظيم کي وڌيڪ موثر ۽ مضبوط بڻائڻ جي ل??ءِ ڪم ڪندو رهندو. وزيراعظم ايس سي او جي ع??دو ڇڏيندڙ سيڪريٽري جنرل جي حيثيت سان زانگ منگ جي محنت ۽ شاندار خدمتن تي سندس ٿورا مڃيا ۽ سندس مستقبل جي ل??ءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. زانگ منگ وزيراعظم کي شنگهائي تعاون تنظيم ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمين?? اجلاس جي ڪامياب انعقاد ۽ ان جي مثبت نتيجن تي مبارڪباد ڏني. هن ايس سي او جي سڀني شعبن ۾ پاڪستان جي تعميري حصيداري کي ساراهيو ۽ ايس سي او ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ چيئر طور پاڪستان جي قائداڻي ڪردار تي اطمينان جو اظهار ڪيو.