لاهور- 27 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان پ??پل??پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ق??ادت ۾ پ??پل??پارٽي جي وفد لاهور ۾ ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب پاڪستان پ??پل??پارٽي جي وفد ۾ اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف، پنجاب جو گورنر سردار سليم حيدر، قومي اسيمبلي ميمبر سيد ??ويد ??مر ۽ ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وهاب شريڪ هئا. پاڪستان مسلم ليگ (ن) طرفان قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، سينئر اڳواڻ راڻا ثناءُ الله به ملاقات ۾ شامل هئا. ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان پ??پل??پارٽي حڪومت جي اهم اتحادي پارٽي آهي، پاڪستان پ??پل??پارٽي ملڪ?? معيشت جي استحڪام لاءِ حڪومت جي هر قدم ۾ ساٿ ڏنو آهي. ملاقات لاءِ آيل پاڪستان پ??پل??پارٽي جي وفد ملڪ?? معيشت جي استحڪام لاءِ حڪومت?? معاشي پاليسين جي واکاڻ ڪئي. پاڪستان پ??پل??پارٽي جي وفد حڪومتي پاليسين ۽ قدمن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو جنهن جي وزيراعظم آجيان ڪئي.