اسلام ??باد – 05 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سرينه چوڪ منصوبو 2 مهينن ۽ ايف نائن منصوبو 3 مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪندي چيو آهي ته اها اسلام ??باد ۽ ڀرپاسي جي خوشحالي ۽ ترقي جي منصوبن جي شروعات آهي، ايس سي او جي ڪامياب انعقاد تي نائب وزيراعظم، وفاقي گهرو وزير، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ۽ سيڪيورٽي ادارن سميت سمورن حصيدارن جو ٿورائتو آهيان، اسلام ??باد کي وڌيڪ خوبصورت بڻائي ان کي سياحن جي ڌيان جو مرڪز بڻائي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جناح ايونيو نائنٿ ايونيو انٽر سيڪشن ۽ سرينه چوڪ ڪنوينشن سينٽر انٽر سيڪشن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ايف نائن ۽ سرينه چوڪ تي ٻن منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکيو آهي، هي اسلام ??باد ۽ ڀرپاسي جي خوشحالي ۽ ترقي جي منصوبن جي شروعات آهي، ايف نائن فلاءِ اوور جو منصوبو 6 مهينن ۾ مڪمل ٿيڻو هو هاڻي ٽن مهينن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، اهڙي طرح سرينه چوڪ جو منصوبو 2 مهينن ۾ مڪمل ٿي ويندو، اسلام ??باد جي رهواسين کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيان ٿو، گهرو وزير ۽ سندس ٽيم کي تيزي سان منصوبن جي تڪميل تي ساراهيان ٿو، هن پنجاب وارو پنهنجو رڪارڊ برقرار رکيو آهي. وزيراعظم چيو ته ايس سي او ڪ??نف??نس پرامن انداز ۾ بخوبي سرانجام ??ي پهتي، ان ڪ??نف??نس جي لاءِ وفاقي گهرو وزير ۽ سي ڊي اي چيئرمين جي ٽيم اسلام ??باد کي خوبصورت بڻائڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪيو، اهو ڏسڻ وٽان هو، اطلاعات واري وزير ڪ??نف??نس سينٽر جي رنگ روغن جي لاءِ سي ڊي ايي سان گڏجي ڀرپور ڪم ڪيو، گهرو وزير ۽ سندس ٽيم ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وزير ۽ سندس ٽيم کي مبارڪباد ڏيان ٿو، انهن ڏينهن رات محنت ڪري ايس سي او ڪ??نف??نس کي هر طرح سان ڪامياب بڻايو، نائب وزيراعظم ۽ سندس ٽيم پڻ ان ڪ??نف??نس جي ڪاميابي ۾ ڀرپور ڪم ڪيو، انهن کي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته آءِ جي اسلام ??باد کي خراج ??حس??ن پيش ڪريان ٿو، آرمي چيف ??يد عاصم منير جي هدايتن تي راولپنڊي 10 ڪور ۽ ايس ايس جي ڪور سيڪيورٽي فراهمي ۾ ڀرپور مدد ڪئي، سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا ويا هئا، ڪيترن ئي ڏهاڪن کانپوءِ ??اڪ??تان کي مهمان نوازي جو موقعو مليو هو. هن چيو ته چين جي وزيراعظم، روس جي صدر سميت اهم ملڪن جا سربراهه ??اڪ??تان آيا، انهن اسلام ??باد جي خوبصورتي کي ساراهيو، اسان کي پنهنجي شهر جي ان خوبصورتي کي نه رڳو برقرار رکڻو آهي پر ان ۾ اضافو ڪرڻو آهي ته جئين سڄو سال جيڪي ملڪ ۽ ٻاهرئين ملڪ مان مهمان اچن اهي ان جي خوبصورتي کي ڏسي خوش ٿين، اسلام ??باد قدرتي حسن سان مالامال آهي، ان ۾ وڌيڪ نکار ايندو ۽ اهو سياحن جو مرڪز بڻجندو، اهو نه رڳو ??اڪ??تان پر دنيا جو مثالي شهر بڻجندو. ان موقعي تي وزيراعظم جناح ايوينيو نائنٿ ايونيو انٽر سيڪشن ۽ سرينه چوڪ ڪنوينشن سينٽر انٽر سيڪشن جي پيڙهه جو پٿر پڻ رکيو. تقريب کي گهرو وزير محسن نقوي پڻ خطاب ڪيو. ان موقعي تي سي ڊي اي چيئرمين محمد علي رنڌاوا منصوبي بابت بريفنگ ڏني.