باڪو – 12 – نومبر (اي پي پي) ڪانفرنس آف پارٽيز جي 29هين ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس (ڪوپ 29) ۾ شريڪ عالمي اڳواڻن جي گروپ فوٽو سيشن ۾ وزيراعظم محمد ??هباز شريف پهرين صف ۾ موجود هو. فوٽو سيشن ۾ ترڪ صدر رجب طيب اردوان، آذربائيجان جي صدر الهام عليوف، گڏيل قومن جي سيڪريٽري ج??رل انتونيو گوتريس سميت سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ آيل ڪيترن ??ي عالمي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ترڪ صدر رجب طيب اردوان فوٽو سيشن جي لاءِ پهتو ته وزيراعظم محمد ??هباز شريف اڳتي وڌي سندس استقبال ڪيو ۽ هٿ ملا??و. ??ن موقعي تي وزيراعظم جي ڪيترن ??ي عالمي اڳواڻن سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه پڻ ٿي. ان ک??ن اڳ وزيراعظم سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پهتو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري ج??رل انتونيو گوتريس ۽ آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سندس شاندار استقبال ڪيو.