اسلام آباد-11 ڊ??مب?? (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ چئني صوبن جي ايڊووڪيٽ جنرلز کي نوٽيس جاري ڪندي اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو ۽ سيد يوسف رضا گيلاني طرفان غير قانوني فون ٽيپ??گ خلاف داخل 28 سال پُراڻ?? درخواست جي ٻُڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 7 ??ڪن?? آئيني بينچ گذريل ڏينهن درخواست جي ٻُڌڻي ڪئي. جسٽس محمدعلي مظهر جي انٽيليجنس ايجنسين طرفان فون ٽيپ ڪرڻ بابت ملڪي قانون جي پُڇاڻي تي اٽارني جنرل جواب ڏنو ته 2013 ع کان هڪ قانون موجود آهي، جنهن ۾ آءِ ايس آءِ ۽ آءِ بي کي فون ٽيپ ڪرڻ جي حو??لي سان نوٽيفاءِ ڪيو ويو آهي. اٽارني جنرل چيو ته فون ٽيپنگ جو قانون عدالتي نگراني تحت واضح طريقيڪار سان موجود آهي. جسٽس محمدعلي مظهر سوال جاري رکندي ريمارڪس ڏنا ته قانون فون ٽيپنگ جي اجازت صرف انهي صورت ۾ ڏيندو آهي جڏهن ڪو حاضر سروس جج اجازت ڏي. ڇا ان حو??لي سان ڪنهن جج کي به ڄاڻ ڏني وئي هئي؟ جسٽس امين الدين خان مدخلت ڪندي ريمارڪس ڏنا ته عدالت کي تفصيلن ۾ دلچسپي ناهي نتيجن ۾ آهي. اٽارني جنرل جج جي مقرريءَ جي حو??لي سان اڻڄاڻائيءَ جو اظهار ڪيو جنهن تي جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته اهو معاملو ڪيترن ئي ٻين ڪيسن تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهو معاملو چيف جسٽس جي چيمبر کان شروع ئي ٿو. جسٽس محمدعلي مظهر ريمارڪس ڏنا ته قانون بنا فرق جي فون ٽيپ ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏي. ان موقعي تي ايڊووڪيٽ آن رڪارڊ (اي او آر) عدالت کي ٻُڌايو ته کيس درخواستگذار جو پتو لڳائڻ ۽ رابطو ڪرڻ ۾ ڏُکيائ?? درپيش آهي، جڏهن ته درخواستگذار جي وڪيل جو هڪ سال اڳ لاڏاڻو ٿي چڪو آهي. عدالت فون ٽيپنگ معاملي ۾ چئني صوبن جي ايڊووڪيٽ جنرلز کي نوٽيس جاري ڪندي ٻُڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.