اسلام آباد– 17 – ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسح??ق ڊار ڊي – 8 جي 11هين سربراهه ??جلاس ۾ شرڪت جي لاءِ مصر جي گادي واري شهر قاهره روانو ٿي ويو. پرڏيهي آفيس موجب 19 ڊسمبر تي ٿيندڙ سربراهه ??جلاس کان اڳ نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسح??ق ڊار (اڄ) ??رب?? ڏينهن ڊي – 8 وزيرن واري ڪائونسل جي 21هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. بيان موجب نائب وزيراعظم اڱاري ڏينهن آذربائيجان جي گادي واري شهر باڪو ۾ سيڪا جي اجلاس ۾ ورچوئل شرڪت ڪندو. سينيٽر محمد اسحاق ڊار قاهره ۾ موجود پنهنجي هم منصبن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو.