اسلام آباد– 20 – ڊسمبر (اي پي پي( وزيراعظم محمد شهباز شريف سان جمعيت علماءِ اسلام (ف) ??ي سربراهه مولانا فضل الرحمان ملاقات ڪئي جنهن ۾ مولانا فضل الرحمان جي مدرسا رجسٽريشن جي تجويزن تي مثبت اڳڀرائي ٿي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف معاملن کي جلد حل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته قانون وا??ي وزارت ان معاملي کي حل ڪرڻ جي لاءِ آئين ۽ قانون موجب قدم کڻي. ملاقات ۾ قو??ي اسيمبلي ميمبر مولانا عبدالغفور حيدري، سينيٽر ??امران مرتضيٰ، قو??ي اسيمبلي ميمبر راجا پرويز اشرف، پاڪستان پيپلزپارٽي جو سينيئر اڳواڻ قمر زمان ڪائره سميت قو??ي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار ايازصادق، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، قانون ۽ انصاف وا??و وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارر، اطلاعات ۽ نشريات وا??و وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جو سياسي معاملن وا??و صلاحڪار راڻا ??ناءُ الله ۽ اٽارني جنرل منصور عثمان موجود هئا.