اسلام آباد- 24 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چي?? آهي ته قائداعظم م??مد??لي جناح هڪ عظيم ليڊر ۽ وڏو ذهن رکندڙ هو، م??مد??لي جناح پنهنجي اعليٰ ڪردار، مستقل مزاجي ۽ جدوجهد سان ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري ڌار ملڪ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي ۽ ننڍي کنڊ پاڪ- هند جي مسلمانن لاءِ ٻه قومي نظريي جي بنياد تي پا??ست??ن جي قيام کي عمل شڪل بخشي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مطابق قائداعظم م??مد??لي جناح جي جنم ڏڻ جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيئرمين چيو ته پا??ست??ن جو قيام قائداعظم جي اڻٿڪ ڪاوشن جو نتيج?? آهي، پوري قوم پا??ست??ن جي باني جي خدمتن کي خراجِ عقيدت پيش ڪري ٿي ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين احسانمند رهندي. قوم جي باني جي ڏور رس ۽ سياسي بصيرت قوم جي تقدير بدلائڻ لاءِ اتحاد، ايمان ۽ نظم و ضبط جهڙا رهنما اصول واضح ڪيا، سينيٽ چيئرمين چيو ته پا??ست??ن جي باني جي تعليمات ۽ سندس فرمانن جي اهميت موجوده دؤر جي مسئلن کي آڏو رکندي وڏي اهميت اختيار ڪري ويا آهن پر مسئلن جو وڏو ڪارڻ اسان سندن تعليمات وِساري ڇڏي جنهن جي نشاندهي قائداعظم ڪئي هئي?? اڄ اسان کي جيڪي ڏُکيائيون درپيش آهن انهن تي ضابطوآڻڻ لاءِ واحد رستو قانون ۽ آئين تي جيئن جو تيئن عمل ڪرڻ آهي، اسان کي پا??ست??ن جي باني جي رهنما اصولن تي عمل ڪندي پنهنجي م??تق??ل کي روشن بڻائڻ لاءِ هر قسم جي اختلافن کي پوئتي رکي امن، ترقي پسنداڻي ۽ جمهوري روين کي هٿي وٺرائڻي پوندي. هن دُعا ڪئي ته الله تعاليٰ اسان سڀني کي قائداعظم جي نقشِ قدم تي هلڻ ۽ ملڪ جي تعمير ۽ ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي توفيق عطا فرماءِ.