اسلام آباد-26 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبل??ءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي جمهوريت جي بحال??ءَ لاءِ بي مثال خدمتن ??ي ساراهيندي چيو آهي ته هوءَ نه صرف پاڪستان پر پوري دنيا ۾ جمهوريت جي علمبردار طور سُڃاتي ويندي هئي. هن شهيد محترمه جي سياسي ڪاميابين جو ذڪر ڪندي چيو ته هن اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم ۽ مخالف ڌر بڻجڻ جو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو، جنهن سان ملڪ جي عورتن ??ي سياست ۾ اچڻ ۽ پنهنجو هاڪاري ڪرداري ادا ڪرڻ جو حوصلو مليو. هن اهڙو اظهار شهيد محترمه جي 17هين ورس??ءَ جي موقعي تي ڪيو، جيڪو هر سال 27 ڊسمبر تي سڄي ملڪ ۾ عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي آهي. اسپيڪر چيو ته محمد نواز شريف ۽ شهيد محترمه جي ڪوششن سبب ميثاقِ جمهوريت ممڪن ٿي جيڪا ملڪ جي ٻن وڏين سياسي پارٽين جو وڏو ڪارنامو آهي. هن چيو ته ميثاقِ جمهوريت عيوض 18هين ۽ 26هين تر??يم?? ذريعي 1973ع جي آئين کي پنهنجي اصل روح ۾ بحال ڪيو ويو. هن چيو ته پاڪستاني قوم صدر مملڪت آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ٿورائتي آهي جنهن شهيد محترمه ڀٽو ۽ محمد نواز شريف وچ ۾ ڪيل ميثاقِ جمهوريت جي عهد کي نڀايو. هن موجوده دؤر ۾ قومي مف??همت کي هٿي ڏيڻ ۽ قومي مف??دن کي ذاتي مف??دن تي ترجيح ڏيڻ لاءِ محترمه جي نقش قدم تي هلڻ جي ضرورت تي زور ڀريو.