اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان جي اکين 9 مئي جهڙو دل ڏکوئيندڙ واقعو اڳ ۾ ڪڏهن نه ڏٺو، اسان جي دل ۾ ڪو انتقام نه آهي پر شهيدن جي بي حرمتي ڪرڻ ۽ انهن جي يادگارن کي پيرن هيٺان لتاڙيندڙن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻو پوندو، جيڪڏهن شرپسندن سان ڪا رعايت ڪئي وئي ته خدانخواسته هي ملڪ نه بچندو، سويلين ٺڪاڻن تي حملو ڪندڙن جي خلاف دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ ۽ فوجي ٺڪاڻن تي حملو ڪندڙن جي خلاف آرمي ايڪٽ ۽ ٻين لاڳاپيل قانونن تحت ڪارروائي ڪئي ويندي. قومي اسيمبلي ۾ 9 مئي سانحي جي حوالي سان بحث ۾ حصو وٺندي وزيراعظم 9 مئي سانحي جي مذمت جي حوالي سان ايوان جي قرارداد تي ٿورا مڃيا ۽ چيو ته 9 مئي تي سويلين ٺڪاڻن تي حملو ڪندڙن جي خلاف دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ تحت ڪيس هلايا ويندا. وزيراعظم چيو ته ميانوالي ايئر بيس تي جيڪو جهاز بيٺل هو اهو غريب عوام جي رت پگهر جي ڪمائي سان وطن جي دفاع لاءِ خريد ڪيو ويو هو، اتي انهن جٿن باهه لڳائي، اها سڌوسنئون ملڪ دشمني نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟ اه??ا ڪيس آرمي ايڪٽ تحت هلايا ويندا. وزيراعظم واضح ڪيو ته سول ۽ فوجي ٺڪاڻن تي حملو ڪندڙن جي خلاف موجوده قانونن تحت ڪيس هلايا ويندا ۽ ڪا نئين قانونسازي نه ٿيندي. وزيراعظم چيو ته عمران نيازي گذريل ڏينهن هڪ ڀيرو ٻيهر ٽوئيٽ ڪيو جنهن ۾ هن سڌوسنئون ڪوڙ ڳالهايو. وزيراعظم شهباز شريف موجوده آرمي چيف ۽ ان وقت جي ڊي جي آءِ ايس آءِ کي انهن جي عهدي تان هٽائڻ جي حوالي سان عمران خا?? جي ٽوئيٽ کي ڪوڙ ۽ دوکو قرار ڏنو. وزيراعظم چيو ته اها ڳ??لهه ان جي ذاتي ڄاڻ ۾ آهي ته جڏهن ان وقت جو ڊي جي آءِ ايس آءِ عمران خا?? وٽ پهتو ۽ ان کي حقيقتن جي بنياد تي ان جي گهرواريءَ جي ڪرپشن جا ثبوت فراهم ڪيا ته عمران خا?? کي ڪاوڙ آئي ۽ باقي تاريخ جو حصو آهي. وزيراعظم چيو ته 60 ارب جي ڪرپشن کي توهان ڪٿي کڻي ويندا؟ سعودي ولي عهد جي نادر تحفي کي بازار ۾ وڪرو ڪيو ويو ۽ جعلي رسيد ڏني وئي، ان کان وڌيڪ هن قوم ۽ ڀائر ملڪ سعودي عرب سان سنگين مذاق ڪهڙو ٿي سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته جڏهن 60 ارب رپين جي ڪرپشن تي عمران خا?? کي نيب نوٽيس جاري ڪيو ته ان کي به ان جي ڄاڻ نه هئي، ان جي نتيجي ۾ 9 مئي تي جيڪا تباهي ٿي، اسان جي اکين اه??و دل ڏکوئيندڙ واقعو اڳ ۾ ڪڏهن نه ڏٺو، پنهنجي اقتدار ۾ عمران خا?? پوري اپوزيشن کي جعلي ڪيسن ذريعي ڀت سان لڳايو، جڏهن اپوزيشن جا ميمبر ڪوٽ لکپت جيل ۾ ويندا هئا ته ذاتي اناءَ جي تسڪين جي لاءِ عمران خا?? لاهور پهچندو هو ۽ هدايتون جاري ڪندو هو. وزيراعظم چيو ته 60 ارب رپيا قوم جو پئسو هو، اهي پئسا سپريم ڪورٽ جي اڪائونٽ ۾ نه قومي خزاني ۾ اچڻ گهرجن ها، عمران خا?? ڪابينا کان زبردستي ان جي منظوري ورتي. وزيراعظم چيو ته عمران خا?? آمريڪي سازش جو الزام هڻي پاڪ – آمريڪا لاڳاپن جون ڌڄيون اڏايون، ڏينهن رات ڪوڙ ڳالهائي ماڻهن جي ذهن ۾ اها ڳ??لهه وڌي وئي ته آمريڪا سازش ڪري ان جي حڪومت ختم ڪئي، هاڻي عمران خا?? آمريڪا کان مدد گهري رهيو آهي، عمران خا?? پاڪستان جي پرڏيهي لاڳاپن کي برباد ڪري ڇڏيو، اُهو چين جيڪو هماليه وانگر اسان سان گڏ بيٺل آهي، اهو چين جنهن جي – 20 جي سرينگر ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ شرڪت کان صاف انڪار ڪيو آهي انهي چين جي خلاف عمران خا?? الزام بازي ڪئي ۽ چيو ته سي پيڪ ۾ ڪرپشن ٿي رهي آهي، ڪو به درد دل رکندڙ پاڪستاني اه??ي قسم جي ڳالهه نه ٿو سوچي سگهي، آئون چيني قيادت کي سلام پيش ڪريان ٿو جن هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب ۽ ترڪيءَ مان به سٺيون خبرون اچي رهيون آهن، ڪالهه منهنجي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان به ڳالهه ٿي آهي ۽ ان سان پاڪستان جي خلاف ٿيندڙ پروپئگنڊه تي ڳالهه ٻولهه ٿي، پرڏيهي وزير مون کي ٻڌايو ته صورتحال تي ان جي نظر آهي ۽ پوري دنيا کي اسان حقيقتن کان آگاهه ڪري رهيا آهيون، ٻن، ٻن ۽ ٽن ٽن ماڻهن تي ٻڌل وفد پڻ ٻاهر موڪلينداسين. وزيراعظم چيو ته هي قوم 9 مئي کي ڪڏهن به نه وساريندي، اسان جي دل ۾ ڪو انتقام نه آهي پر جن شهيدن ۽ غازين جي بي حرمتي ڪئي، شهيدن جي يادگارن کي پيرن هيٺان لتاڙيو ۽ قائداعظم هائوس کي راک بڻايو انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻو پوندو، جيڪڏهن انهن سان ڪا رعايت ڪئي وئي ته خدانخواسته هي ملڪ نه بچندو. وزيراعظم چيو ته پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) سدائين صبر ۽ تحمل سان دل ڏکوئيندڙ واقعن کي منهن ڏنو ۽ جمهوري طريقيڪار اختيار ڪيو. وزيراعظم چيو ته 9 مئي سانحي جي ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ قوم جي امانت آهي ۽ هو قوم جي امانت کي قوم کي واپس ڪندا.