اسلام آباد – 12 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص م??دگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان جي عوام جو رت چوسي غريبن جي پئسي تي پلجندڙ اڄ حڪومت ۾ ڪفيل ڳولي رهيا آ??ن، مافيا جا سرغنه لنڊن ۾ آهن، خواجه آصف صاحب کي گهرجي ته ا??ي رابطو ڪري، پارليامينٽ هائوس ??اهران مخالف ڌر پارٽين جو احتجاج انهن جي سياسي محرومين جي ماتم کانسواءِ ڪجهه نه آهي. خاص م??دگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته مخالف ڌر پارٽيون عوام جي لاءِ نه پنهنجي سياسي مفادن جي لاءِ احتجاج ڪري رهيون آهن، انهن جي پيٽ ۾ عوام جي همدردي جو نه پر پنهنجي ڪرپشن ۽ اقتدار جو سُور ٿي رهيو آهي.