اسلام آباد – 18 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان پنجاب جي چيف سيڪريٽري ۽ پنجاب جي آءِ جي کي ذخيره اندوزن، ناجائز منافعي خورن جي نشاندهي ۽ انهن کي سزائون ڏيڻ جي حوالي سان قدمن جي هدايت ڪئي آهي، هن مشڪل صورتحال ?? جيڪي ماڻهو ذخيره اندوزي ڪري رهيا ??هن انهن کي بي نقاب ڪيو ويندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وزيراعظم عمران خان ڊيره غازي خان جي سينٽرل ڪنٽرول روم ۾ ايران مان آيل زائرين جي لاءِ قرنطينه ۾ ڪ??ل انتظامن جو جائزو ورتو.