سيالڪوٽ – 19 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاسق اعواڻ سيالڪوٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته وزيراعظم ڪورونا ۽ معاشي مشڪلاتن کي هڪ ئي ??قت منهن ڏئي رهيو آهي، وزيراعظم سمجهي ٿو ته جيڪڏهن معيشت جو ڦيٿو هلندو ته مزدور جو چلهو ٻرندو، هن چيو ته رمضان مهيني کان اڳ ننڍن دڪاندارن جي لاءِ حڪومت پئڪيج جو اعلان ڪندي. خاص مددگار جو چوڻ هو ته موجوده صورتحال مان ناجائز فائدو کڻندڙن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ??يندي. ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ملڪي ضرورتن ۽ عا??مي صورتحال کي نظ?? ۾ ??کندي وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ خريد ڪنداسين، حڪومت ڪڻڪ خريداري جي لاٰ 280 ارب ر??ين جي رقم رکي آهي.