اسلام آباد – پهرين جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وفاقي ڪابينا ڪوهالا هائيڊرو پاور پراجيڪٽ سميت ٽن منصوبن جي منظوري ڏني، وزيراعظم صوبائي فنانس ڪميش?? کي فعال بڻائڻ جي هدايت ڪئي ۽ ان سان پوري صوبي ۾ منظم طريقي ۽ سياسي فرق کانسواءِ ڪم ٿيندا، جن پائليٽس جا لائيسنس مشڪوڪ هئا، انه?? کي برطرف ڪيو ويو آهي، اسان جا پائليٽ?? جيڪي جهاز اڏائي رهيا آهن انهن جون ڊگريون سئو سيڪڙو ڪليئر آهن، جعلي ڊگريون رکندڙ پائليٽ?? جي خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ٿيندي، مخالف ڌر کي خبر آهي ته جيڪڏهن عمران ??ان انهن جي رستي تان هٽي وڃي ته انهن جي ماضي جي ڪرپشن جو نه پڇيو ويندو، ماضي ۾ پي آءِ اي، اسٽيل ملز ۾ تمام گهڻيون سياسي ڀرتيون ڪيون ويون، پيپلزپارٽي ادارن ۾ ميرٽ ۽ شفافيت تي يقين نه ٿي رکي، مخالف ڌر عمران خا?? کي مافياز جي خلاف ڪاررواين تي پنهنجو نشانو ??ڻائي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافي?? کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. هن چيو ته اجلاس شروع ٿيڻ تي وزيراعظم عمران ??ان ڪورونا مان صحتياب ٿيڻ تي ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته ڪابينا اجلاس ۾ آڊيٽر جنرل جي رپورٽ تي بحث ٿيو، پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ پروسيجرل مسئلن ۽ قاعدن ۽ ضابطن جي بنياد تي آڊٽ پيراز ٺهن ٿا، ماضي ۾ کربين رپين جا آڊٽ پيراز ٺهندا هئا پر اسان جي حڪومت جي دور ۾ ان ۾ 70 کان 80 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، ادار?? کي قاعدن ۽ ضابطن موجب ڪم ڪرڻ گهرجي.