اسلام آباد – 11 جولاءِ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي ??نهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته 20 جون تي سڄي پاڪستان ۾ ڪورونا جا 2969 مريض آڪسيجن تي ۽ 546 وينٽي ليٽرز تي ??ئا، ڪالهه الحمدالل?? اهو انگ گهٽ ٿي آڪسيجن تي 1762 ۽ وينٽي ليٽرز تي 394 هئا، يعني 28 سيڪڙو گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي. هن چي?? ته سمارٽ لاڪ ڊائون ۽ ايس او پيز جي انتظامي ڪارروائي جو ۽ سڀ کان اهم عوام جي بهتر طرز عمل جي ڪاميابي نمايان آهي. هن چي?? ته اهم ڳاله?? اها آهي ته ڪورونا جي وبا جو ڦهلاءُ روڪڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. حفاظتي تدبيرن تي عمل ڪنداسين ته صحت به محفوظ هوندي ۽ رو??گا?? به هلندو رهندو، نه ته جيڪو آمريڪا، برازيل ۽ ڀارت جهڙن ملڪن ۾ ٿي رهيو آهي خدا نه ڪري اسان وٽ به ٿي سگهي ٿو.