اسلام آباد – 27 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڄ سياحت جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته پاڪستان پوري دنيا سان گڏجي سياحت جو عالمي ڏهاڙو ملهائي رهيو آهي جيڪو خوشي جوڳو آهي. هلندڙ ??ال سياحت جي عالمي ڏهاڙي جو موضوع سياحت ۽ ڳوٺاڻي ت??قي چونڊيو ويو آهي. هر سال گڏيل قومن جي عالمي ??ياحت جي اداري (يو اين ڊبليو ٽي او) جي اهتمام هيٺ اهو ڏينهن ملهايو وڃي ٿو جنهن جو مقصد معاشري، ثقافت ۽ ڪنهن به ملڪ جي معاشي ت??قي تي سياحت جي اثرن جي حوالي سان عالمي ??رادري ۾ آگاهي ۽ شعور اجاگر ڪرڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان جهڙن ملڪن جي وڌيڪ آبادي ڳوٺاڻن علائقن ۾ رهي ٿي ۽ هلندڙ ??ال سياحت ۽ ڳوٺاڻي ت??قي جي موضوع تي ملهائجندڙ ??المي ڏهاڙي جي مناسب سان سياحت سماجي ۽ معاشي ت??قي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.