اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور، پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ سينيٽر سيف الله نيازي، ع??مر محمود ڪياني ۽ پنجاب جي وڏي وزير جي خاص مددگار سردار تنوير الياس ملا??ات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ملا??ات ۾ آزاد ڪشمير قانونساز اس??مبلي جي ميمبر مرحوم صغير چغتائي جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي، ملا??ات ۾ آزاد ڪشمير ۾ ايندڙ اليڪشن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته آزاد ڪشمير جي صدر، وزيراعظم ۽ اس??يڪر جي نامزدگي جو فيصلو اليڪشن ک??نپ??ءِ وزيراعظم پاڻ ڪندو.