اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي مفاد ۾ آهي، ا??غانستان جو هڪ ٺوس سياسي حل هتان جي م??ڻهن جي حقن جو تحفظ يقيني بڻائڻ جو بهترين رستو آهي، عالمي برادري افغان عوام جي م??اشي م??د ۽ نئين سر تعمير ۾ ڪردار ادا ڪري. وزيراعظم عمران خان سان ابوظهبي جي ولي عهد ۽ گڏيل عرب اماراتن جي هٿياربند فوج جي ڊپٽي سپريم ڪمانڊر محمد بن زيد ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ا?? دوران ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي م??املن سان گڏوگڏ علائقائي اڳڀرائي خاص طور تي افغانستان جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ان موقعي تي گڏيل عرب امارات سان پنهنجي م??بوط ڀائراڻن لاڳاپن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي تعاون جي اهميت جي عزم کي ورجايو. افغانستان جي تازي صورتحال جي ڏس ۾ وزيراعظم زور ڏنو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي وسيع تر مفاد ۾ آهي، ا??غانستان جي عوام جي حقن جي تحفظ سان گڏوگڏ سلامتي ۽ حفاظت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اڳتي ??ڌڻ جو بهترين رستو ٺوس سياسي حل هو. وزيراعظم عمران خان عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها افغان عوام جي م??اشي م??د ڪرڻ ۽ ملڪ جي نئين سر تعمير ۾ مدد جي لاءِ ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته انساني ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ افغانستان جي م??اشي استحڪ??م کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آمده ايڪسپو 2020ع جي لاءِ بهترين انتظام ڪرڻ تي ??لي عهد کي م??ارڪباد ڏني. هن ان ميگا ايونٽ جي ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ۽ ولي عهد گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.