لاهور – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عوامي ڀلائي جي منصوبن، آلودگي جي مسئل?? جي حل ۽ وڻڪاري ۾ اضافي جي ذريعي ماحول کي بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن اها هدايت هتي ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائ?? خاص طور تي سهڻو لاهور پراجيڪٽ ۽ ٻين قدمن تي جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ پنجاب جي وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، وزيراعظم سياسي معاملن بابت خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، صنعت واري صوبائي وزير محمد اسل اقبال، بلديات واري صوبائي وزير م??ان محمود الرشيد، تعليم واري صوبائي وزير ڊاڪٽر مرادراس، صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد، پنجاب جي چيف سيڪريٽري ڪامران علي افضل، لاهو?? جي ڪمشنر ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. لاهو?? جي ڪمشنر ڪيپٽن (ر) محمد عثمان اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سڄي صوبي ۾ سمورن لاڳاپيل صوبائي ادارن پاران صاف پاڻي جي فراهمي، صحت جي شعبي کانسواءِ مرڪزي شاهراه?? جي تعمير ۽ مرمت ۽ رنگ روغن تي خصوصي ڌ??ان ڏنو پيو وڃي، ايل ڊي اي، لاهو?? جي مرڪزي ۽ ننڍن رست?? جي ايندڙ ڇهه مهينن ۾ مرمت جو ڪم مڪمل ڪندي، بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته واسا صاف پاڻي جي فراهمي کانسواءِ برسات جي پاڻي جي اسٽوريج لاءِ واٽر ٽينڪس ۽ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽس لڳائڻ تي ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهيو آهي، سڄي صوبي ۾ سرڪاري اسپتالن ۾ صحت جي بنيادي سهولت?? جي فراهمي ۽ صحت ڪارڊ جي موثر فراهمي لاءِ محنت سان ڪم ڪيو پيو وڃي، لاهو?? جي ڪمشنر بريفنگ ڏيندي چيو ته سهڻو لاهور پلان تحت شه?? جي آلودگي صفائي ۽ ٻين انتظامي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو، وزيراعظم عمران خان لاهور ۾ آلودگي جي مسئل?? جي حل لاءِ وڻڪاري تي خصوصي ڌ??ان ڏيڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم عمران خان لاهور ۾ وڻڪاري جي ترغيب لاءِ پلانٽ فار لاهو?? جي نالي مهم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم عمران خان حڪومت جي عوامي ڀلائي جي منصوبن ۽ ٻين قدمن ۽ وڻڪاري جي اهميت جي باري ۾ عوامي آگاهي تي خصوصي ڌ??ان ڏيڻ جي هدايت ڪئي، وزيراعظم عمران خان اسڪولن ۾ وڻڪاري جي اهميت اجاگر ڪرڻ لاءِ خصوصي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته لاهو?? جي عوامي ڀلائي ۽ ترقي جي منصوبن، آلودگي جي مسئل?? جي حل ۽ وڻڪاري ۾ اضافي جي ذريعي ا?? جي قدرتي خوشگوار ماحول کي بحال ڪيو وڃي.