اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته چونڊن ۾ ڌانڌلي جي لعنت جي خاتمي لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اي وي ايم) ٽيڪنالاجي جو استعمال مستقل حل آهي ۽ ان سان چونڊن جي وڃايل ساک ٻ??هر بحال ٿيندي، اسان جي ملڪ ۾ چونڊن جي ضرورتن موجب ??وزاني جي بيناد تي 2 هزار ??ان وڌيڪ اي وي ايم مشينون تيار ??رڻ جي گنجائش موجود آهي، جيڪي ماڻهو اي وي ايم جي مخالفت ڪري رهيا آهن انهن کي گهرجي ته چونڊن ۾ فراڊ کي روڪڻ لاءِ ڪا نئين تج??يز ڏين. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي قيادت ۾ حڪومت اي وي ايم جي معاملن تي هر ڀيري مخالف ڌر کي ڳالهين جي دعوت ڏئي چڪا آهيون پر هنن ڪڏهن به ان معاملي کي سنجيده ناهي ورتو ۽ ناجائز اعتراض اٿاريا. فرخ حبيب چيو ته پي ٽي آءِ جي سياست جو بيناد صرف احتساب ۽ شفافيت آهي، انهي سلسلي ۾ موجوده حڪومت مستقبل ۾ چونڊن ۾ شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻي رهي آهي، اي وي ايم جي مخالفت ڪندڙ ملڪ ۾ صاف ۽ شفاف چونڊن جي خلاف آهن. هن چيو ته مخالف ڌر قومي يا عالمي ماهرن کي گهرائي اي وي ايم بابت پنهنجا خدشا ختم ڪري اسان کي ڪو به اعتراض نه آهي، اليڪشن ڪميشن اي وي ايم جي خلاف مزاحمت ڪرڻ بدران چونڊ پولنگ جي حق ۾ ڪم ڪري.