لاهور – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ صرف وسيلن ??ان نه ذهني سوچ ??ان بدلجندو آهي، پاڪستان بدلجي رهيو آهي، ا??ان کي ان جي ترقي ۾ پنهنجو هر ممڪن ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، سول سرونٽس ادارن جي مضبوطي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، بهترين اخلاق ??ان عوامي خدمت کي پنهنجو نصب العين بڻائين، پاليسي سازي دوران ديانتداري جي عنصر کي مضبوطي ??ان سنڀالي رکو ته پاڪستان کي ترقي کان ڪير به روڪي نٿو سگهي، بيورو ڪريسي ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. هو نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي ۾ 114 هين نيشنل مينيجمينٽ ڪورس ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو. ان موقعي تي ريڪٽر ڊائريڪٽر اعجاز منير ۽ ٻيا آفيسر به موجود هئا. صدر چيو ته بهترين علم اهو هوندو آهي جيڪو اهو سيکاري ته هاڻي به گهڻو ڪجهه ۽ سکڻ باقي آهي ۽ ا??ان کي ان شيءَ تي به ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ته علم ۽ رويو ڇا سيکاري ٿو ۽ ڇا نٿو سيکاري، علم سيکاريو ويندو آهي جڏهن ته رويو ان??ان ماحول ۽ ننڍپڻ کان ئي سکندو آهي، مشاهدي ۾ اها ڳالهه آئي آهي ته انسانن جو رويو مختلف موقعن تي مختلف ماڻهن ??ان ڌار ڌار هوندو آهي، هن چيو ته ا??ان جو رويو سدائين پاڻ کان مٿي واري ??ان درست ۽ هيٺئين ??ان ڪجهه ٻيو هوندو آهي جنهن جو ا??ان کي احساس ڪرڻ گهرجي، ان حوالي ??ان ا??ان کي مذهب ۽ نبي ﷺ جي اسوه حسنه تي عمل ڪرڻ گهرجي جڏهن ته اسلامي تاريخ روايتن ??ان ڀري پئي آهي جنهن مان ا??ان کي سبق ملي ٿو ته ان??ان جو ان??ان ??ان رويو ڪهڙو هجڻ گهرجي. صدر چيو ته جن ملڪن پنهنجا ادارا مضبوط ڪيا اهي ڪامياب ٿي ويا ۽ انهن ترقي ڪئي، هن چيو ته فيصلا سازي ۾ بيورو ڪريسي جو هٿ هوندو آهي جيڪڏهن ڪنهن فيصلا سازي ۾ اسٽيڪ هولڊرز کي شامل ڪيو وڃي ته ان فيصلي جي رد ٿيڻ جا امڪان ناهن رهندا. هن چيو ته بيورو ڪريسي کي گهرجي ته عوامي مسئلن جي ن??اندهي ڪري ان جي حل جي ڪوسش ڪري ۽ ماضي جي ن??ڪامين کي به نظر ۾ رکيو وڃي، صدر عارف علوي چيو ته سول سرونٽس عوامي خدمت دوران اخلاقيات ۽ همدردي جو دامن نه ڇڏين، هن چيو ته بيورو ڪريسي ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي جيڪا ملڪ کي اڏوهي وانگر کائي رهي آهي، هن چيو ته موجوده حڪومت ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ قدم کڻي رهي آهي پر ??ڏه?? کي ختم ڪرڻ آ??ان ڪم نه آهي، هن چيو ته جيڪي شيون ا??ان 2018ع ۾ شروع ڪيون انهن کي گهڻو اڳ شروع ٿيڻ گهربو هو، هن ڪورس ۾ شرڪت ڪندڙن کي مخاطب ٿيندي چيو ته انهن ??ان عوام کي، ملڪ ?? قوم جي مستقبل کي ان حوالي ??ان ڪيتريون ئي اميدون لاڳاپيل آهن، توهان پاليسي سازي دوران انڪساري ??ان بهترين روين کي ن??ر ۾ رکندي فيصلو ڪرڻو آهي ۽ تقاضا به اها آهي ته سول سرونٽس ديانتداري ??ان پنهنجي اصولن کي ن??ر ۾ رکندي اهڙيون پاليسيون جوڙي جنهن سان ان تي عوام جي اعتماد ۾ اضافو ٿئي، هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته بيورو ڪريسي ۾ وڌ کان وڌڪ عورتون به شامل ٿين ته جيئن اهي به عوامي خدمت ۾ پنهنجو حصو وجهي سگهن ۽ هڪ توازن قائم ٿئي، ڊاڪٽر عارف علوي سول سرونٽس کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان اڀرندڙ اڳواڻ آهي، توهان ادارن جي مضبوطي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪريو ۽ بهترين اخلاق ??ان عوامي خدمت کي پنهنجو نصب العين بڻايو ۽ پاليسي سازي دوران ديانتداري جي عنصر کي مضبوطي ??ان جهلي رکو ته پاڪستان کي ترقي کان ڪير به روڪي نٿو سگهي، ان کان اڳ نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي جي ريڪٽر ڊاڪٽر اعجاز منير آجياڻي وارو خطبو پيش ڪيو، صدر عارف علوي ڪورس جي 62 شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽس ورهايا ۽ کين ڪورس جي ڪاميابي ??ان مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي.