اسلام آباد – په??ين – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جو سڀ کان وڏو سرمايو باصلاحيت ن??جو??ن آهن، ملڪ جي ترقي جو دارومدار ن??جو??نن جي ترقي تي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل يوٿ ڪائونسل جي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي.
ملاقات ۾ ن??جو??نن جي معاملن بابت خاص مددگار عثمان ڊار، صوبائي وزيرن راءِ تيمور خان ڀٽي، راجا ناصر علي خان مقپون ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن به شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ ۾ ميرٽ جي بالادستي کي يقيني بڻائي رهي آهي، ڪاميابي جو رستو جدوجهد جو رستو آهي، پاڪستان ۾ ن??جو??نن جو تناسب وڌيڪ هجڻ ملڪ جي خوش قسمتي آهي. هن چيو ته ليڊر سدائين سچو ۽ ايماندار هوندو آهي، هن ن??جو??نن تي زر ڏنو ته هو سچ جو رستو اختيار ڪن، هن چيو ته جڏهن اسان اقتدار ۾ آياسين ته ملڪي روانگي واپار صرف 20 ارب ڊالر هو، حڪومت جي پاليسين جي ڪري روانگي واپار ۾ 35 سيڪڙو اضافو ٿي رهيو آهي، پاڪستان وسيلن جي دولت سان مالا مال آهي اسان جو سڀ ک??نو ڏو سرمايو باصلاحيت افرادي قوت يعني ن??جو??ن آهن،
ان موقعي تي خاص معاون عثمان ڊار ڪامياب جوان پروگرام تحت قائم ٿيل نيشنل يوٿ ڪائونسل ۽ ن??جو??نن جي لاءِ کنيل قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته نيشنل يوٿ ڊولپمينٽ فريم ورڪ 6 شعبن تي خصوصي ڌيان ڏيڻ لاءِ ٺاهي وئي آهي جنهن ۾ سماجي تحفظ، معاشرتي اعتبار سان نظرانداز ن??جو??نن کي قومي ڌارا ۾ واپس آڻڻ شامل آهي، صحت، ن??جو??نن کي نظر ۾ رکندي اداره جاتي سڌارا، سوڪ انگيجمينٽ به فريم ورڪ جو حصو آهن، ان کانسواءِ روزگار جا موقعا ۽ معاشي خودمختياري به فريم ورڪ جي 6 شعبن ۾ شامل آهي،
هن ٻڌايو ته ڪامياب جوان پروگرام تحت 2023ع تائين ن??جو??نن ۾ معاشي خودمختياري ۽ يوٿ انٽرپرونيورشپ لاءِ 100 ارب روپيا ورهايا ويندا، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ڪامياب جوان هنرمند پروگرام تحت 2 لک ن??جو??نن کي وظيفا ڏنا ويندا، ڪامياب جوان مرڪز، ٽيلنٽ هنٽ، راندين جي اڪيڊميز گرين يوٿ موومينٽ ۽ انوويشن ليگ به منصوبي جو حصو آهن، يوٿ ڪائونسل ۾ پوري ملڪ جي مختلف شعبن مان 33 ن??جو??ن ??ري?? آهن، ن??جو??نن جي چونڊن ۾ ملڪ جي مختلف علائقن، ٽرانس جينڊرز، اقليتن، جسماني طور تي معذور ماڻهن، مرد ۽ عورتن جي برابر نمائندگي جو خاص خيال رکيو ويو آهي.