اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اڄ جو ڏينهن الله تعاليٰ جي حضور سجده شڪر بجا آڻڻ جو ڏينهن آهي ته ان پاڪ پروردگار اسان کي نبي آخر الزمان ﷺ جو اُمتي هجڻ جو شرف بخشيو، زندگي جي هر م??دا?? ۾ ٻنهي جهانن جي سردار عالم صلي الله عليه واله وسلم جي سيرت طيبه اسان جي لاءِ بهترين نمونو آهي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن عيد ??يل??د النبي ﷺ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. پرڏيهي وزير عيد??يل??د النبي ﷺ جي مق??س موقعي تي پاڪستاني قوم ۽ سڄي مسلمان امت کي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪئي، هن چيو ته اڄ جو ڏينهن الله سبحان تعاليٰ جي حضور سجده شڪر بجا آڻڻ جو ڏينهن آهي ان پاڪ پروردگار اسان کي نبي آخر الزمان ﷺ جو اُمتي هجڻ جو شرف بخشيو. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته الله تعاليٰ پاڻ سڳورن کي نه رڳو مسلمانن لاءِ پر ٻنهي جهانن لاءِ رحمت بڻائي ??وڪليو، زندگي جي هر م??دا?? ۾ ٻنهي جهانن جي سردار ﷺ جي سيرت طبيه اسان جي لاءِ بهترين نمونو آهي،
حضور ﷺ جي زندگي مبارڪ جي پيروي ئي دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي جي ضامن آهي. هن چيو ته اڄ فضا درود ۽ سلام جي نذرانن سان معطر آهي. پرڏيهي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ اڄوڪي ڏينهن جي صديقي پاڪستان کي اندروني ۽ ٻاهرين خطرن کان محفوظ رکي ۽ ان کي تاقيامت قائم ۽ دام رکي، خطي ۾ امن ۽ امان قائم ٿئي، تعمير ۽ ترقي جا دروازا کلن، خودمختياري وارو حق حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان مصروف هٿين خالي ڪشميرين کي انهن جو حق ملي ۽ ا??حاد امت ۽ ا??حاد بين المسلمين لاءِ به دعا ڪئي.