ا??لا?? آباد ??? 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻ?? مير عبدالقدوس بزنجو کي بلوچستان جو وڏو وزير چونڊجڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو ته بلوچستان جو نئون چونڊيل وڏو وزير مير عبدالقدوس بلوچستان جي روشن مستقبل جي اُميد آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب هن چيو ته مير عبدالقدوس بزنجو بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندو ۽ ماضي ۾ به مير عبدالقدوس بزنجو جي بلوچستان جي عوام لاءِ سياسي ۽ س??اجي خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن. سينيٽ چيئرمين چيو ته نئون چونڊيل وڏو وزير سمورن صوبائي اسيمبل?? ميمبرن کي گڏ کڻي هلندو ۽ گڏيل مشاورت ۽ هم آهنگي سان بلوچستان صوبي جي ترقي جي نئين دور جو آغاز ٿيندو.