ڪراچي – 05 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي و??ير فرخ حبيب چيو آهي ته پيپلزپارٽي ??وام کي مافياز جي رحم ڪرم تي ڇڏيو آهي، سنڌ حڪومت وزيراعظم ڪفالت احساس پروگرام ۾ شامل نه ٿي، هر جڳهه تي انهن جي نالائقي ظاهر آهي. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ جي حڪمرانن غريب ماڻهو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. مملڪتي و??ير چيو ته هر جڳهه تي انهن جي نالائقي نظر اچي ٿي. هن چيو ته سنڌ حڪومت وزيراعظم ڪفالت احساس پروگرام ۾ شامل نه ٿي، جيڪڏهن اسانجي پروگرام سان مسئلو آهي ته غريب ماڻهو جي لاءِ سنڌ حڪومت ڪو پروگرام کڻي اچي. مملڪتي و??ير چيو ته صحت ڪارڊ جي معاملي ۾ به سنڌ حڪومت اعتراض ڪري ٿي، وفاق سنڌ حڪومت کي ٽن سالن جي اندر 19 سئو ارب رپيا ڏنا آهن. هن چيو ته اهي پئسا ڪٿي خرچ ٿيا، سنڌ ۾ ڪٿي به ترقي نظر نه ٿي اچي، غريب ماڻهو جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته اهي پئسا به ڪرپشن جي ور چڙهي ويا ??هن. فرخ حبيب چيو ته سنڌ ۾ لاقانونيت جو راڄ آهي، ناظم جوکيو جي قتل جي ايف آءِ آر به پي ٽي ??ءِ جي ميمبرن ڪٽرائي. مملڪتي و??ير چيو ته گڏيل قومن موجب دنيا ۾ مهانگائي جو 50 سالا رڪارڊ ٽٽي ويو آهي. هن چيو ته پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون عالمي سطح تي وڌي رهيون آهن، اسان پيٽروليم ليوي نه وڌايو، پيٽروليم مصنوعات تي سيلز ٽيڪس گهٽ ڪيو آهي. مملڪتي و??ير چيو ته وزيراعظم عمران خان جي ڪوشش آهي ته عالمي مهانگائي جو اثر پاڪستاني عوام تي گهٽ کان گهٽ ٿيو.