اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) بين المذاهب هم آهنگي بابت وزيراعظم جي خاص مددگار ۽ پاڪستان علماء ڪائونسل جي چيئرمين حافظ محمد طاهر محمود اشرفي چيو آهي ته اڄ جو ڏينهن قوم کي گڏ ڪري ??ڳتي وڌڻ جو ڏينهن آهي، موجوده حڪومت جي دؤر ۾ اقليتن کي حق مليا آهن، جهڙيءَ ريت قوم اي پي ايس سانحي تي متحد ٿي هئي اهڙيءَ طرح سيالڪوٽ واقعي تي قومي اتح??د جو مظاهرو ڪيو ويو. مسيحي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن ??يو ته آئين پاڪستان تحت زندگي گذاريندڙن کي ڪا پريشاني ناهي، اڄ جو ڏينهن قوم کي گڏ ڪري ??ڳتي وڌڻ جو ڏينهن آهي. هن ??يو ته موجوده حڪومتي دؤر ۾ اقليتن کي حق مليا آهن. سيالڪوٽ ۾ هڪ چرچ ۾ بين المذاهب هم آهنگي تقريب جو بندوبست ڪيو پيو وڃي، ان ۾ مان پاڻ شرڪت ڪندس. هن ??يو ته قومي مس??لن ۽ دهشتگرديءَ جو حل قومي ايڪشن پلان ۾ آ??ي، نيشنل ايڪشن پلان تي نظرثاني ٿي رهي آهي. گذريل حڪومتن ۾ نيشنل ايڪشن پلان صرف مس??دن جا لائوڊ اسپيڪر لائڻ تي محدود هو، وزيراعظم عمران خان ان حوالي سان هڪ ميٽنگ ڪري چڪو آهي. هن ??يو ته اڄوڪي ڏينهن اي پي ايس سانحو ٿيو هو، ان عزم سان آغاز ڪري ??هيا آهيون ته پاڪستان سڀني جو آهي، اسان پاڪستان جي بچاءَ ۽ ترقي لاءِ ملي ڪري ڪم ڪنداسين، جهڙيءَ طرح قوم اي پي ايس سانحي تي متحد ٿي اهڙيءَ طرح ئي سيالڪوٽ واقعي تي قومي اتح??د جو مظاهرو ڪيو. هن ??يو ته اسان وٽ توهين مذهب جو 137 شڪايتون آيون، جيڪڏهن ??و توهين ڪري ٿو ته ان جي شڪايت کڻي عدالت ۾ يا پوليس وٽ وڃو، ان حوالي سان قانون موجود آهي، ڪنهن ??ي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه آهي.