اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خلائي تحقيق ۽ انفارميشن ٽ??ڪن??لاجي جي شع??ي ۾ ترقي جي رفتار کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته دنيا ۾ ٽ??ڪن??لاجي تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي، ترقي جي سفر ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ جلد فيصلا ڪرڻا پوندا، صدر انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽ??ڪن??لاجي ۾ ايرو اسپيس سائنس ۽ انجنيئرنگ جي باري ۾ س??ين عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. تقريب ۾ اسپارڪو چيئرمين ميجر جنرل (ر) عامر نديم، انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽ??ڪن??لاجي جو وائيس چانسلر ميجر جنرل (ر) ريحان عبدالباقي، ڪانفرنس جو سيڪريٽري ڊاڪٽر نجم عباس ن??وي?? سائنسدانن سميت ملڪي ۽ غير ملڪي نمائندن به شرڪت ڪئي.
صدر چيو ته اسپارڪو جي تعاون سان خلا مان ڪيتري ئي معلومات فراهم ٿيندي آهي، مواصلاتي سيارن جي ذريعي انسانن کي لاتعداد معلومات ۽ ڊيٽا ملي ويندي آهي، معلومات ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ هن وقت تائين 24 هزار کان وڌيڪ سيٽلائيٽ لانچ ڪيا ويا آهن، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ننڍپڻ ۾ ڪهڪشائن کي ڏسندي لطف اندوز ٿيندا هئاسين، پاڪستان ۾ آءِ ٽي جي شع??ي ۾ لکين ماڻهن جي ضرورت آهي، انفارميشن ٽ??ڪن??لاجي جي ماهرن جي اسان جي افرادي قوت جي طلب يورپ ۽ اولهه تائين ٿي سگهي ٿي، پر پاڪستان آءِ ٽي جي شع??ي ۾ ماهرن کي ملڪ جي ترقي لاءِ استعمال ڪندو، هن چيو ته دنيا ۾ جعلي خبرون وڏي پئماني تي هلي رهيون آهن، انفارميشن ٽ??ڪن??لاجي جي ذريعي شفافيت کي فروغ ۽ ڪوڙ تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، صدر چيو ته نئين ٽ??ڪن??لاجي کي اختيار ڪرڻ ۾ انساني هٻڪ محسوس ڪندو آهي، جديد دور ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ليڊرشپ جي ضرورت پوندي آهي، هن چيو ته جديد دنيا ۾ ٽ??ڪن??لاجي کي جلد قبول ڪرڻ جي ضرورت آهي، حڪومت خلائي تحقيق ۽ آءِ ٽي جي شع??ي ۾ ترقي لاءِ پنهنجو هر مڪن ڪردار اد ڪندي، صدر چيو ته دنيا وٽ ايتري ڊيٽا موجود آهي ته ان جو تجزيه ڪرڻ به مشڪل آهي. هن چيو ته ٽ??ڪن??لاجي ۾ جدت اچي رهي آهي، ٽ??ڪن??لاجي جي ترقي لاءِ مستقبل جي ض??وت کي به نظر ۾ رکڻو پوندو.
صدر چيو ته ملڪ ۾ آءِ ٽي جي گريجوئيٽس جو تعداد وڌڻ گهرجي ۽ حڪومت ان عمل جي حوصلا افزائي ڪندي. هن چيو ته پاڪستان کي عالمي سطح تي سيٽلائيٽس جي توسيع جو حصو هجڻ گهرجي، ملڪ کي سائبر سيڪيورٽي ماهر به گهربل آهن، انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽ??ڪن??لاجي جهڙن ادارن مان اميدون آهن. ان کان اڳ انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽ??ڪن??لاجي (آءِ ايس ٽي) جي وائيس چانسلر ميجر جنرل (ر) ريحان عبدالباقي ڪانفرنس ۾ شرڪت تي صدر جو ٿورو ادا ڪيو. هن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن کي اداري جي ارادن، مقصدن ۽ ڪاميابين جي باري ۾ آگاهه ڪيو، هن چيو ته اداره خلائي تحقيق جي پروگرام سميت سائنس ۽ ٽ??ڪن??لاجي جي شع??ي جي فروغ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. صدر ڪانفرنس جي موقعي تي انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽ??ڪن??لاجي جي ماهرن طرفان لڳايل اسٽالن جو به معائنو ڪيو.