اسلام آب??د – 31 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي ??زير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته صحت ڪارڊ کانپوءِ حڪومت نئين سال جي تحفي طور ايل پي جي جي في ڪلو قيمت ۾ 6 روپين تائين لاٿ ڪري ڇڏي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ان قدم سان ملڪ جي 72 سيڪڙ?? آبادي جيڪا قدرتي گئس کان محروم آهي، کي سڌو سنئون فائدو ٿيندو. هن چيو ته ايندڙ سال توانائي ۽ کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ واضح لاٿ ڏسڻ ۾ ايندي.