اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌر?? فواد حسين چيو آه?? ته پاڪستان ڪشميرين کي جائز حق ملڻ ۽ آزادي جي جدوجهد جي ڪاميابي تائين انهن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جار?? رکندو. ڪشمير جي خودمختياري واري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چوڌر?? فواد حسين چيو ته ڪنٽرول لائن جي ٻنهي پاسن ۽ سڄي دنيا ۾ ڪشمير عوام اڄ خودمختياري جو ڏينهن ملهائي رهي آه??، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل 5 جنوري 1949ع تي اڄوڪي ڏينهن تي قرارداد جي ذريعي ڪشميري عوام کي اهو حق ڏنو هو ته هو پنهنجي مرضي موجب پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪري سگهن ٿا. اڄ ڪشميري عوام سان ڪيل واعدي کي 73 سال گذري ويا پر افسوس ته اهو واعدو اڃان تائين پورو نه ٿي سگهيو. چوڌر?? فواد حسين چيو ته گڏيل قومن جي قرارداد جا 73 سال پورا ٿيڻ تي ڀارت ??ٺ پتلي حد بندي ڪميشن جي خلاف احتجاج روڪڻ لاءِ ڪشميري قيادت جي گرفتارين جو سلسلو شروع ڪر?? رکيو آه??، ڀارت ڪشمير کي هڪ وڏي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آه??، جتي ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ، حريت اڳواڻن کي نظربند ڪرڻ ۽ ڪرفيو ۽ پابنديون لڳائڻ روز جو معمول بڻجي ويو آه??. هن چيو ته ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪسمير جي حد بندي مذهب جي بنياد تي تبديل ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي رهيو آه??، چوڌر?? فواد حسين چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڪشميري عوام تي بدترين مصيبتون ۽ ظلم ڪيا پيا وڃن، هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جا ماڻهو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير تڪرار جي پرامن حل جا منتظر آه??. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پنهنجا واعدا پورا ڪري. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄوڪي ڏينهن اسان ان عزم جو اظهار ڪريون ٿا ته پاڪستان ڪشميرين کي جائز حق ملڻ ۽ آزادي جي جدوجهد جي ڪاميابي تائين ان جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جار?? رکندو.