اسلام آباد – 10 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته شهباز شريف عادي شعبده باز آه??، کيس حادثن تي سياست يا شعبده بازي کانسواءِ ڪجهه نه ٿو اچي، 30، 30 سال حڪومت ڪري به اهي ليڊر نه بڻجي سگهيا، اڄ جو ”پيبلو ايسڪوبار“ اسان کي ٻڌائي رهيو آه?? ته نيرو ننڊ ۾ هو، هن پنجاب ۽ مريءَ ۾ وسيلا خرچ ڪيا هجن ها ته اڄ اسان کي هي ڏينهن نه ڏسڻو پوي ها، شريف فيملي رڳو پنهنجا محل ٺاهيا، انهن جي دور ۾ ٿيندڙ ترق?? انهن جي ??هرن تائين محدود هئي، تحريڪ انصاف کانسواءِ مريءَ ريسڪ??و آپريشن ۾ ڪا ٻي پارٽي موجود نه هئي، اسان نئون پاڪستان جو واعدو ڪيو آه??، انشاءَ الله عمران خان جي قيادت ۾ اسان نئون پاڪستان ٺاهي رهنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اميد هئي ته شهباز شريف هڪ ليڊر وانگر ڳالهه ڪندو پر هي عادي شعبده باز آه??، کيس حادثن تي سياست ۽ شعبده بازي کانسواءِ ڪجهه نه ٿو اچي، انهن 30، 30 سال حڪومت ڪئي پر پوءِ به اهي ليڊر نه بڻجي سگهيا، 30 سال انهن ڄامڙا پاليس جيڪي وڏا نه ٿي سگهيا. چوڌري فواد حسين چيو ته مريءَ واقعي تي هر اک روئڻهارڪي آه??، مريءَ ۾ 64 هزار گاڏيون 5 ڏينهن ۾ داخل ٿيون. اسان کي فخر آه?? ته پنجاب جو وڏو وزير، وفاقي وزير، پاڪستان تحريڪ انصاف جا ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز سميت اسان جا ورڪرز مريءَ ۾ عوام سان گڏ بيٺل هئا. سول انتظاميا، پاڪ فوج ۽ سول ادارن مريءَ ۾ ريسڪ??و آپريشن ڪري لکين ماڻهن کي ڪڍيو. هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظ?? شاهد خاقان عباسي ۽ (ن) ليگ جو ڪو ماڻهو مريءَ ۾ نظر نه آيو، انهن اتي وڃڻ جي زهمت به نه ڪئي. هن چيو ته 24 ڪلاڪن ج?? اندر ريسڪ??و آپريشن ڪري سمورا رستا ڪليئر ڪيا ويا. چوڌري فواد حسين چيو ته شهباز شريف جڏهن وڏو وزير هو ته روز نئون واقعو ٿيندو هو، ان جي دور ۾ اسپتال ۾ آڪسيجن نه هجڻ سبب 100 ٻار مارجي ويا هئا ۽ هي منهن ڏسي رهيا هئا. هن چيو ته ماڊل ٽائون جو واقعو ٿيو، معصوم ماڻهن تي گوليون وسايون پئي ويون ۽ شهباز شريف جو چوڻ هو ته کيس روڪڻ منهنجو ڪم نه آه??. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته شريف فيملي رڳو پنهنجا محل ٺاهيا، انهن جي دور ۾ ٿيندڙ ترق?? انهن جي ??هرن تائين محدود هئي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ٽن سالن ۾ 13 نوان ريزارٽس ٺاهيا، وزيراعظم عمران خان بلين ٽري سونامي پروگرام شروع ڪيو، ملڪ ۾ سياحت کي فروغ ڏنو. هن چيو ته اڄ پاڪستان ۾ سياحت جي شعبي ۾ انقلاب اچي چڪو آه?? ۽ هي اسان کي سبق ڏئي رهيا آه?? ته اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي ها. چوڌري فواد حسين چيو ته ملڪ ۾ اندروني سياحت جي هڪ نئين حقيقت جنم ورتو آه??، اڄ الحمدالله لکين ماڻهو اندرون ملڪ سياحت مان فائدو کڻي رهيا آه??. هن چيو ته اسان کي اهڙ?? انتظامي اسٽرڪچر جي ضرورت آه?? جيڪو وڏي ابادي جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهي. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان نئون پاڪستان جو واعدو ڪيو آه??، وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ اسان نئون پاڪستان ٺاهي رهنداسين. هن چيو ته معيشت انتظاميا سياحت سميت هر شعبي ۾ انهن ماڻهن جا پوکيل ڪنڊا اسان صاف ڪري رهيا آه??ون، مخالف ڌر ايندڙ 7 سال به روئيندي رهندي، انهن جو ڪم روئڻ آه??. انشاءَ الله عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان ترقي جون منزلون طئي ڪندو.