اسلام آباد – 31 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان ۾ انساني الميو جنم وٺي رهيو آهي، افغانستان کي اڪليو نه ڇڏيو وڃي، ڪورونا وبا جي ڪري پوري دنيا جي ڪري پوري دنيا جون معيشتون دٻاءُ جو شڪار آهن، عالمي منڊي ۾ توانائي ۽ ڪموڊيٽي پرائيسز ۾ اضافي جا اثر پاڪستان تي به پيا، ڪورونا وبا دوران پاڪستان حڪومت غريب عوام کي ريليف فراهم ڪيو، پي ٽي وي ۽ ريڊيو جي لاءِ جاپا?? جي فني معاونت جي آجيان ڪريون ٿا. اها ڳالهه هن ملاقات جي لاءِ آيل پاڪستان ۾ مقرر جاپا?? جي سفير مٽسو هيرو واڊا سان ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ افغانستا?? جي صورتحال، پاڪستان ٽيليويزن ۽ ريڊيو پاڪستا?? جي لاءِ جاپا?? جي فني معاونت سميت ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اطلاعات ??ار?? وفاقي وزير افغانستا?? جي صورتحال جو ذڪر ڪندي چيو ته افغانستان ۾ انساني الميو جنم وٺي رهيو آهي، دنيا افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان اشرف غني کي به اليڪشن بدران ٺوس حڪومت جو مشورو ڏنو هو پر هن اسا?? جي ڳالهه نه ٻڌي. هن چيو ته افغانستان جو امن دنيا جي ام?? جي لاءِ لازمي آهي، دنيا کي افغانستان ۾ ام?? جي ڪوششن ۾ اڳتي اچڻو پوندو. ڪورونا وبا دوران پاڪستان حڪومت جي حڪمت عملي جو ذڪر ڪندي اطلاعات ??ار?? وفاقي وزير چيو ته ڪورونا وبا جي ڪري پوري دنيا جون معيشتون دٻاءُ جو شڪار آهن، پاڪستان حڪومت نه رڳو ڪورونا وبا جو بهتر حڪمت عملي سان مقابلو ڪيو پر پنهنجي معيشت کي به مستحڪم ڪيو. هن چيو ته اڄ ملڪ ۾ لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ ۾ 10 سيڪڙو ترقي ٿي آهي، تعميرات، ٽيڪسٽائيل ۽ زراعت جا شعبا به ترقي طرف گامزن آهن. هن چيو ته ڪورونا وبا دوران حڪومت غريب عوام کي ريليف فراهم ڪيو، صحت ۽ احساس راشن پروگرام حڪومت جا وڏا قدم آه?? جيڪي عوام جي ڀلائي لاءِ شروع ڪيا ويا. هن چيو ته ڪورونا وبا جي ڪري عالمي منڊي ۾ توانائي ۽ ڪموڊيٽي پرائيسز ۾ اضافي جا اثر پاڪستان تي به پيا، درآمدي شي?? جي ڪري اسا?? جي ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ به اضافو ٿيو. جاپان پاران پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستا?? جي لاءِ فني تعاو?? جي آجيان ڪندي اطلاعات ??ار?? وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ ٽيڪنالاجي اسپيڪٽرم تبديل ٿي رهيو آهي، پي ٽي وي جا ٻه نيوز چينلز پي ٽي وي نيوز ۽ پي ٽي وي اسپورٽس ايڇ ڊي ڪري ڇڏيا آهن، پي ٽي وي انگلش ۽ پي ٽي وي هوم کي به ايڇ ڊي ڪيو پيو وڃي. ان موقعي تي جاپا?? جي سفير چيو ته جاپان ريڊيو پاڪستان ۽ پي ٽي وي کي فني معاونت فراهم ڪندو. هن چيو ته جاپان معيشت، انفراسٽرڪچر ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون فراهم ڪري رهيو آهي.