اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونيورسٽين تي زور ??نو آهي ته اهي ملڪ ۾ گريجوئيٽس ۾ اضافي ۽ آن لائين تعليم جي فروغ لاءِ پ??هنجي تعليمي نظام جي سگهه ۽ موقعن ۾ اضافو ڪن، دنيا جي وڌندڙ ضرورتن تي پورو لهڻ ج?? لاءِ اعليٰ تعليمي نظام ۾ آن لائين تعليم تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سرحد يونيورسٽي آف سائنس اينڊ انفارميشن ٽيڪنالاجي پشاور جي 14 هين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته 2030ع تائين انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ 80 ڪروڙ گريجوئيٽس جي ضرورت هوندي. پاڪستان ج?? لاءِ سڀني کي تعليم جي فراهمي، ترق?? لاءِ اه??يت رکي ٿي. آن لائين تعليم ان مقصد کي تيزي سان حاصل ڪرڻ جو واحد ذريعو آهي. هن مصنوعي ذهانت ۽ ڪمپيوٽنگ جي صدارتي قدم کي اهم قدم قرار ??نو جيڪو ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪري ملڪ ۾ تعليم، تحقيق ۽ ڪاروباري نظام ج?? لاءِ انقلابي ثابت ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۾ نوجوانن جو وڏو انگ آهي جيڪو ملڪ ج?? لاءِ ترقي جو وڏو ذريعو ثابت ٿي سگهي ٿو. گريجوئيٽس کي معياري تعليم ۽ جديد مهارتن جي تعليم حاصل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته دنيا انساني وسيلن جي ڏس ۾ پاڪستان طرف ڏسي رهي آهي. هن عالمي مارڪيٽ ۾ وڌندڙ ضرورتن جي ڏس ۾ انهن موقعن مان فائدو کڻڻ تي زور ڏنو. وزيراعظم عمران خان جي تازي چين جي دوري کي ترقي جي ڏس ۾ اهم قرار ڏنو. هن چيو ته زراعت، فارماسيوٽيڪل، آٽو موٽو، ٽيڪسٽائي?? ۽ ??نفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ پاڪستاني شاگردن ۽ پروفيشنلز ج?? لاءِ وسيع موقعا موجود آهن. پاڪستان مستحڪم ملڪ طور اڀري رهيو آهي جنهن جي مختلف شعبن ۾ وسيع موقعا موجود آهن. هن نوجوانن تي زور ??نو ته اهي ملڪ ۾ مايوسي جي بيانن تي ڌيان نه ڏين. هن مختلف شعبن ۾ پوزيشن ماڻيندڙ گريجوئيٽس کي مبارڪباد ڏني ۽ انهن تي زور ??نو ته اهي اخلاقيات، اسلامي روايتن ۽ قومي سڃاڻپ جي اصولن تي عمل ڪندي سخت محنت ڪن.