اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان هڪ اعتماد جوڳو دوست ۽ حصيدار جي حيثيت سان سريلنڪا سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي وڏي اهميت ڏي ٿو. اها ڳالهه هن سريلنڪن بح??يه جي ڪمانڊر وائس ايڊمرل نشانٿا اولوگيٽن سان ڳالهائيندي ??ئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم فيبروري 2021ع ۾ پنهنجي سريلنڪا جي دوري کي ياد ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن ۽ سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي ٺوس طور تي اپ گريڊ ڪرڻ جي پاڪستان ??ي خواهش کي ورجايو. وزيراعظم چيو ته سيڪيورٽي ۽ دفاعي تعاون پاڪستان سريلنڪا لاڳاپن جو اهم جز ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جو عنصر رهيو آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته هو سريلن??ن قيادت جي پاڪستان جي دوري جو منتظر آهي. سريلنڪا جي وائيس ايڊمرل نشانٿا اولوگيٽن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي تعاون تي ٻڌل لاڳاپن تي زور ڏنو ۽ عالمي ۽ علائقائي فورمن تي حمايت تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا. هن گڏيل هدفن جي فروغ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو.