اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چ??و آهي ته افغانستان جي لا??ِ هيومينيٽرين ٽرسٽ فنڊ قائم ڪرڻ جو مقصد افغان عوام جي لا??ِ عالمي انساني امداد جي ماپي کي وڌائڻ جي لا??ِ اسان جي اجتماعي ڪوشش آهي، انساني بحران جي ??نا??ر ۾ افغان عوام کي اسان جي فوري توجهه جي ضرورت آهي، ??رڏيهي وزارت ۾ افغانستان جي لا??ِ هيومينيٽرين ٽرسٽ فنڊ لا??ِ چارٽر تي صحيح جي تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته اسلام آباد ۾ ٿيندڙ پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 17 هين غير معمولي اجلاس ۾ اسلامي ترقياتي بئنڪ جي اهتمام هيٺ هيومينيٽيرين ٽرسٽ فنڊ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. بئنڪ کي درخواست ڪئي وئي هئي ته هو 2022ع جي پهرين ٽه ماهي تائين فنڊ کي فعال ڪري ڇڏي، ??ن چيو ته بئنڪ پنهنجي مينڊيٽ کي موثر طريقي سان مقرري مدي ۾ اندر پورو ڪيو آهي، ??رسٽ فنڊ جو چارٽر ڪافي لچڪدار آهي، جنهن سان او آءِ سي سسٽم جي ٻاهران عطئي جي اجازت ملندي آهي، ??رڏيهي وزير چيو ته اهو هڪ واکاڻ جوڳو عمل آهي اهڙي طرح عالمي عطيو ڏيندڙن جي دائري کي وڌائڻ ۾ مدد ڪندي. هن جو چوڻ هو ته ٽرسٽ فنڊ جو مقصد افغانستان کي انساني امداد پهچائڻ لا??ِ هڪ ميڪينزم جي طور تي ڪم ڪرڻ آهي، ان سلسلي ۾ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جو ڪردار اهم هوندو.اميد آهي ته او آءِ سي جا ميمبر ملڪ، اسلامي مالياتي ادارا، عطيا ڏيندڙ ۽ ٻيا عالمي حصيدار ان ٽرسٽ فنڊ ۾ پنهنجي عطين جي ذريعي شموليت ڪندا. پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي چ??ئرمين جي طور تي آئون شرڪت ڪندڙن کي فنڊ ۾ حصو وجهڻ جي درخواست ڪندس. پرڏيهي وزير چيو ته اهو خصوصي ٽرسٽ فنڊ افغان عوام جي لا??ِ عالمي انساني امداد جي ماپي کي وڌائڻ لا??ِ اسان جي اجتماعي ڪوشش آهي، اسان سڀني کي انهن قدمن کي ڪاميابي سان هم??نا?? ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪوشش ڪرڻ گهرجي.