اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آ??ي ته يوم مئي اسان کي پورهيت طبقي ??ي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو سنهري موقعو فراهم ڪري ٿو جيڪي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آه??، ظلم، ستم، استحصال ۽ ناانصافي جي خلاف شڪاگو ۾ فوت ٿيندڙ مزدورن جي جدوجهد کي ياد ڪندي اسان مزدور طبقي ??ي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، اڄ جو ڏينهن پاڪستاني مزدور ڪميونٽي جي ڪردار، صلاحيتن، ڪم سان لڳاءُ، ملڪ جي خوشحالي ۽ ترقي پسند قوم جي عزت جي علامت آه??. اهڙن خيالن جو اظهار يوم مئي جي موقعي تي جاري پيغام ۾ ڪيو جيڪو اڄ آچر تي سڄي دنيا ۾ ملهايو پيو وڃي، ان موقعي تي اسپيڪر چيو ته پورهيت طبقو ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندو آ??ي تنهن ڪري اسان تي لازمي آه?? ته انهن جي ڀلائي ۽ ترقي ۽ انهن جي خدمتن جي معاوضي جي وقت سر ادائيگي کي يقيني بڻائون. هن چيو ته دنيا جي سمورن مهذب معاشرن پنهنجي پورهيت طبقي ??ي حقن ۽ ڀلائي ۽ ترقي کي يقيني بڻائڻ لاءِ قانونسازي ڪري رکي آه??، هن چيو ته موجوده جمهوري حڪومت مزدورن جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ مزدور دوست پاليسيون جوڙي رهي آه??، اسپيڪر چيو ته ملڪي ترقي لاءِ حقن ۽ فرضن ۾ توازن انتهائي اڻٽر آه??، هن مزدور برادري کي اهو پيغام ڏنو ته هو ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ محنت ۽ جانفشاني سان پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهن، ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني يوم مئي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سڄي دنيا جي افرادي قوت کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته افرادي قوت ڪنهن به ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي، هن چيو ته ملڪ ۾ موجوده جمهوري حڪومت مزدور برادري ۽ انهن جي خاندانن جي ڀلائي ۽ خوشحالي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آه??، هن چيو ته وزيراعظم پاڪستان ميان محمد شهباز شريف وزيراعظم چونڊجڻ کانپوءِ پنهنجي پهرين تقرير ۾ مزدورن جي گهٽ کان گهٽ اجرت 25000 هزار مقرر ڪئي آه?? جيڪا مزدور برادري جي حقن جي تحفظ جي عڪاسي آه??. هن مزدور طبقي ??ي حقن جي تحفظ ۽ کين بهتر معيار زندگي جي فراهمي جي حڪومت عزم جو ورجاءُ ڪيو.