اسلام آ??اد – 14 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شر??ف پشاور موڙ کان نيو اسلام آ??اد ايئرپورٽ تائين ميٽرو بس سروس منصوبي ۾ 5 سالن جي دير جي جاچ ۽ غفلت جي ذميوارن جو تعين ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، اڳوڻن حڪمرانن پوڻا چار سالن جي نالائقي ۽ نااهلي لڪائڻ جي لاءِ غيرملڪي ??ازش جي ڪوڙ جو رٽ لڳائي رکي آهي، انهن وٽ ڏيکارڻ ۽ ٻڌائڻ جي لاءِ ڪجهه نه آهي. هڪ بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف 7 وڳي اسلام آ??اد ميٽرو بس سروس تي جاري ڪم جو جائزو وٺڻ لاءِ پشاور موڙ ميٽرو بس جي سائيٽ تي پهتو. هن چيو ته هي منصوبو اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي دور ۾ 2017ع ۾ شروع ٿيو هو جنهن کي 2018ع ۾ مڪمل ٿيڻو هو، ان ۾ 5 سالن جي دير ٿي ۽ مصنوبي تي ڪم مڪمل نه ٿيو. مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف منصوب?? ۾ ??ير جا جاچ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ۽ غفلت جي ذميوارن جو تعين ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم رمضان المبارڪ ۾ ميٽرو بس سروس شهرين جي لاءِ مفت هلائڻ جو حڪم ڏنو آهي، رمضان المبارڪ جي مقدس مهين?? ۾ ??هري مفت سفري سهولتون حاصل ڪندا. هن چيو ته وزيراعظم اسلام آ??اد ميٽرو کي ٽن رستن کان موٽروي سان ڳنڍڻ جي فوري فزيبلٽي جي تياري جو حڪم پڻ ڏنو آهي ۽ باره ڪهو، پشاور موڙ ۽ روات جي روٽس تي ميٽرو هلائڻ جي لاءِ فوري فزيبلٽي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم اسلام آ??اد ۽ ڀرپاسي جي شهرين کي بهترين ۽ معياري سفري سهولتون يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته اڳوڻن حڪمرانن پنهنجي پوڻي چئن سالن جي نالائقي ۽ نااهلي لڪائڻ جي لاءِ غيرملڪي ??ازش جي ڪوڙ جي رٽ لڳائي رکي آهي، نااهلي، نالائقي، سنگدلي ۽ ڪرپشن اڳوڻن حڪمرانن کان غيرملڪي ??ازش جو ڪوڙ ڳالهرائي رهي آهي ڇو ته انهن وٽ ڏيکارڻ ۽ ٻڌائڻ جي لاءِ ٻيو ڪجهه نه آهي.