ڪراچي – 13 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم ميان شهباز شريف باباءِ قوم جي مزا?? تي بيهي وچن ڪيو آهي ته هو پنهنجي ڀرپور صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻيندي ملڪ جي خدم?? ڪندو. وزيراعظم پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي مزا?? تي حاضري جي موقعي تي مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا. وزيراعظم لکيو ته ”اسان جي لاءِ هڪ ڌار وطن قائم ڪرڻ جي عظيم ج??وجهد تي توهان کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ ۽ توهان جي لاءِ پنهنجي بي پناهه احترام جي اظهار طور توهان جي مزا?? تي حاضر ٿيو آهيان، اسان توهان کان مغذرت خواهه آهيون ته اسان قوم جي حيثيت سان ان راهه جي پيروي نه ڪري سگهياسين جنهن جي توهان کي اسان مان اميد هئي. اهڙي طرح توهان جي روح کي اسان مايوس ڪيو، آئون توهان سان پختو وچن ڪريان ٿو ته آئون پنهنجي ڀرپور صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻيندي پنهنجي ملڪ جي خدم?? ڪندس ۽ ڪوشان رهندس ته آئون توهان جي اميدن تي پورو لهي سگهان.