اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم هائوس کانسواءِ ڪنهن ٻي جڳهه کي ڪئمپ آفيس ڊ??لي??ر ناهي ڪيو ويو، بي بنياد ۽ هٿ ٺوڪيون خبرون نه پکيڙيون وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي بيان ۾ ڪيو. اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ميڊيا ۽ سماجي رابطن جي ويب سائيٽس تي بي بنياد ۽ هٿ ٺوڪيون خبرون پکيڙڻ جو سلسلو رڪجڻ گهرجي. هن چيو ته وزيراعظم هائوس کانسواءِ ڪنهن ٻي جڳهه کي ڪئمپ آفيس ڊ??لي??ر ڪرڻ جون خبرون بي بنياد ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهن، پوليس فورس ۽ انتظامي عملي جي ڪنهن به جڳهه مقرري جي خبرن ۾ به ڪنهن قسم جي صداقت نه آهي. سندس چوڻ هو ته ايڊيٽوريل لکندڙ ۽ ميڊيا جي ساٿين کي گذا??ش آهي ته اهڙي ڪا به بي بنياد خبر نشر ڪرڻ کان اڳ تصديق ڪري ??ٺو?? سوشل ميديا صارفين کي به گذا??ش آهي ته اهڙي منفي پروپئگنڊه کي ??د ڪري ڇڏين.