اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي ڪو??ت جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر شيخ احمد ناصر الحمد الصباح ٽيليفون ڪئي ۽ پرڏيهي وزارت ??و عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ ڪو??ت جي ٻطرفي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ ڪو??ت جا ڀائراڻا لاڳاپا مثالي آهن، پاڪستانين جو هڪ وڏو تعداد روزگار جي سلسلي ?? ڪويت ۾ رهندڙ آهي ۽ هو ٻنهي ملڪن جي تعمي?? ۽ ??رقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اسان ڪويت سان ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون.